133

اين اي 75 تي ننڍي چونڊ: پولنگ دوران جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 6 زخمي

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ جي سيٽ اين اي 75 تي ننڍي چونڊ دوران جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڊسڪا جي ڳوٺ گوندڪه ويجهو رنجهائي اسٽاپ تي پولنگ اسٽيشن ۾ اوچتو هنگامو ٿي پيو، جيڪو ڏسندي ئي ڏسندي جنگ جي ميدان ۾ تبديل ٿي ويو، ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ دوران ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي کانپوءِ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف جو ڪارڪن ماجد ۽ ن ليگ جو ڪارڪن ذيشان مارجي ويا، جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موقعي تي پهچي ملوث ماڻهن کي حراست ۾ ورتو، آءِ جي پنجاب واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او گوجرانوالا کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. واضح رهي ته اين اي 75 سيالڪوٽ ۾ ن ليگ جي سيده نوشين افتخار ۽ پي ٽي آءِ جي علي اسجد ملهي ۾ سخت مقابلو ٿي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو