138

سينيٽ چونڊن ۾ مخالف ڌر اسان جي ماڻهن کي خريدڻ چاهي ٿي، اها ڪهڙي جمهوريت آهي؟: وزيراعظم

غازي بروٿا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ سياستدانن کي خريدڻ جي منڊي لڳل آهي، سينيٽ چونڊن ۾ مخالف ڌر اسان جي ماڻهن کي خريدڻ چاهي ٿي، اها ڪهڙي جمهوريت آهي؟ غازي بروٿا ۾ وڻڪاري مهم واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان  جو چوڻ هو ته وڻ مستقبل لاءِ انتهائي ضروري آهي، موسمي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ بلين ٽري منصوبي کي ڪامياب ڪرڻو پوندو، بدقسمتي سان ماضي ۾ اسان وڻ لڳائڻ تي ڌيان نه ڏنو ۽ ٻيلن کي بيدرديءَ سان ختم ڪيو. عمران خان چيو ته ماضي ۾ ڪرپٽ ماڻهن رڳو پئسا چوري نه ڪيا پر ملڪ جي اخلاقيات کي به تباهه ڪري ڇڏيو، جڏهن وزيراعظم ڪرپشن ڪندو آهي ته پئسا ٻاهر کڻي وڃڻ سندس مجبوري هوندي آهي، نه ته ماڻهن کي نظر اچي ويندو، چوري ڪرڻ هڪ نقصان ۽ چوري جو پئسو ٻاهر کڻي وڃڻ يعني مني لانڊرنگ ڪرڻ ان کان به وڏو نقصان آهي جنهن سان ملڪ تباهه ۽ قرضي بڻجي ويندو آهي. عمران خان چيو ته سينيٽ چونڊ جو تماشو ڏسي رهيو آهيان، منڊي لڳل آهي، سينيٽر بڻجڻ لاءِ سياستدانن کي خريدڻ لاءِ اگهن جي ٻولي لڳي رهي آهي، 30 سالن کان اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، جنهن جي سڀني کي خبر آهي، جڏهن اسان چئون ٿا ته سياسي پارٽي جو اسيمبلي ميمبر ٻڌائي ته ڪنهن کي ووٽ ڏئي رهيو آهي ته مخالف ڌر پارٽيون چون ٿيون ته اوپن نه ڳجهو ووٽ ڏيو، جيتوڻيڪ هي اڳ ۾ پاڻ چوندا هئا ته اوپن بيلٽ ٿيڻ گهرجي ته پوءِ انهن ۾ تبديلي ڪيئن آئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو