126

اين اي 75 تي ننڍي چونڊ: پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ پاران ڪاميابي جي دعويٰ، نتيجا روڪيا ويا

ڊسڪا (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 75 ڊسڪا ۾ ننڍي چونڊ جو غير حتمي سرڪاري نتيجو روڪي ورتو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ پاران ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. رپورٽن مطابق گذريل ڏينهن ڊسڪا مان قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 75 تي ننڍي چونڊ ٿي هئي، تڪ ۾ تحريڪ انصاف جو علي اسجد خان ۽ ن ليگي اميدوار سيده نوشين افتخار وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو. 20 پولنگ اسٽيشنز جو عملو نتيجن سان گڏ رٽرننگ آفيسر وٽ نه پهتو، جنهن سبب رات دير تائين مڪمل نتيجا سامهون اچي نه سگهيا هئا، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن مطابق ن ليگي اميدوار کي مخالف اميدوار کان معمولي برتري حاصل هئي، جنهن سبب ٻنهي پارٽين جي اميدوارن پنهنجي پنهنجي ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي. ٻئي پاسي رٽرننگ آفيسر غير سرڪاري حتمي نتيجو روڪي ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن مطابق گم ٿيندڙ پولنگ اسٽيشنز جو عملو ڊي آر او آفيس سيالڪوٽ پهچي چڪو آهي، پوليس ڪنهن به قسم جو تحفظ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ڊي پي او فون تي ڳالهائي ٿو پر پوليس کي قدم کڻڻ جي ڪا هدايت نه پيو ڏئي، وڏي وزير جي خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ به رٽرننگ آفيسر جي آفيس ۾ موجود آهي. واضح رهي ته ڄاڻايل تڪ تي جهيڙي دوران 2 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو