ڪرم (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 45 ڪرم تي ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف اميدوار ميدان ماري وڌو آهي، جڏهن ته جي يو آءِ نتيجا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اين اي 45 ڪرم جي سرڪاري نتيجن مطابق پي ٽي آءِ جو اميدوار ملڪ فخر زمان 16 هزار 911 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي رهيو، جڏهن ته جي يو آءِ جو جميل چمڪني 15 هزار 761 ووٽ کڻي ٻئين ۽ آزاد اميدوار حاجي سيد جمال 15 هزار 560 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي رهيو. تحريڪ انصاف اميدوار فخر زمان 1351 ووٽن جي برتري سان ڪاميابي ماڻي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن ڪاميابي تي جشن ملهايو، جمهريون هنيون ۽ هوائي فائرنگ پڻ ڪئي. پاڪستان تحريڪ انصاف اميدوار فخر زمان جو چوڻ آهي ته هو عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندو. ٻئي پاسي جي يو آءِ چونڊ نتيجا مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته اين اي 45 ۾ ڌانڌلي ڪنهن به صورت ۾ منظور ناهي. جي يو آءِ فاٽا امير مفتي عبدالشڪور جو چوڻ آهي ته آخري وقت ۾ جي يو آءِ جي ڪاميابي کي شڪست ۾ تبديل ڪيو ويو، ڌانڌلي خلاف درخواست به ڏئي رهيا آهيون ۽ احتجاج وارو آپشن به موجود آهي.
145