158

ڪورونا ويڪسين جي ٻي کيپ ڪراچي پهچائي وئي، هڪ لک 21 هزار ڊوز شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي وبا ڪورونا وائرس جي حفاظتي ويڪسين جي هڪ ٻي کيپ ڪراچي پهچائي وئي آهي. صحت کاتي سنڌ جي ترجمان مطابق ڪورونا وائرس جي حفاظتي ويڪسين سائنو فارم ويڪسين جا هڪ لک 21 هزار ڊوز ڪراچي پهچايا ويا آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ پهرين فيبروري تي چين مان سائنوفارم ويڪسين جي پهرين کيپ پاڪستان پهتي هئي، جيڪا ملڪ ۾ طبي عملي کي لڳائڻ جو سلسلو هلندڙ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو