ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سي آءِ اي سينٽر ڪراچي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ جي ڪمري مان نانگ ملڻ واري معاملي تي سينٽر ۾ مقرر سمورن اهلڪارن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن. ذريعن مطابق حليم عادل شيخ جا ملازم ۽ مهمان صبح ناشتو کڻي آيا هئا، مئل حالت ۾ نانگ ملڻ جي 10 منٽن کان اڳ مهمان ڪمري مان نڪري ويا هئا. ذريعن ٻڌايو ته گيٽ ٻاهريان مقرر اهلڪارن ڪنهن به قسم جو گوڙ نه ٻڌو هو، عملدارن سي سي ٽي وي فوٽيج جي به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
199