ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ مسلسل پنجين هفتي به واڌ سبب غريب طبقو پريشان ٿي ويو آهي. گذريل هڪ هفتي دوران مرغي 20 رپيا في ڪلو مهانگي ٿي وئي آهي، جڏهن ته گيهه 2 رپيا 10 پئسا مهانگو ٿيو. ٻئي پاسي دال ماش 4 رپيا 64 پئسا، چڻن جي دال 3 رپيا 46 پئسا ۽ مڱن جي دال 2 رپيا مهانگي ٿي. گذريل هڪ هفتي دوران مهانگي جي شرح ۾ 0.55 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
188