155

پيپلز پارٽي فيصل واوڊا جي نامزدگي ڪاغذن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چونڊن لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل واوڊا پاران جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي اڳواڻ قادر مندوخيل پاران فيصل واوڊا جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيڻ واري عمل کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو آهي. قادر خان مندوخيل پاران داخل درخواست ۾ فيصل واوڊا کي نااهل قرار ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو ويو آهي ته فيصل واوڊا آمريڪي شهريت بابت حقيقتون لڪايون. هن پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته رٽرننگ آفيسر آڏو اعتراض داخل ڪيا ويا پر هن ٻڌڻ کان انڪار ڪيو، رٽرننگ آفيسر جو قدم غيرقانوني ۽ غيرآئيني آهي. ايڊووڪيٽ قادر خان مندوخيل جو چوڻ هو ته فيصل واوڊا حقيقتون لڪائڻ تي عوامي عهدي لاءِ نااهل آهي، جنهنڪري سندس نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا وڃن ۽ کيس سينيٽ چونڊن لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي. قادر خان مندوخيل پاران داخل ڪرايل اپيل ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن، رٽرننگ آفيسر ۽ فيصل واوڊا کي ڌر بڻايو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو