176

سينيٽ چونڊون: تحريڪ انصاف قيادت ايم ڪيو ايم کي سهڪار جي اپيل ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ايم ڪيو ايم پاڪستان کي سينيٽ چونڊن ۾ سهڪار جي اپيل ڪئي آهي. رپورٽن مطابق سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ حڪومتي وزير پنهنجي اتحادين سان ملاقات ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ ناڻي واري وزير حفيظ شيخ ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ملاقات ڪئي آهي. ذريعن مطابق ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن جي ملاقات بهادر آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي عارضي مرڪز ۾ ٿي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم پاران خالد مقبول صديقي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا. ذريعن مطابق ملاقات ۾ سينيٽ چونڊن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسد عمر ۽ حفيظ شيخ ايم ڪيو ايم قيادت کي چيو ته توهان اسان جا اتحادي آهيو، اوهان کي سهڪار جي اپيل ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم قيادت حڪومتي وزيرن کي يقين ڏياريو ته اسان اوهان سان گڏ آهيون ۽ سينيٽ چونڊن ۾ به ساٿ ڏينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو