187

دهشتگردي ٽوڙ عدالت حليم عادل شيخ جو وڌيڪ جسماني رمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻين جوابدارن جو وڌيڪ جسماني رمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻين جوابدارن کي غيرقانوني فارم هائوس ڊاهڻ خلاف احتجاج تي ٻن ڪيسن ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. حليم عادل شيخ جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته جاچ آفيسر منهنجي موڪل کي جيل کان ٻاهر گرفتارڪيو، جڊيشل مئجسٽريٽ ملير جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو هو پر پوليس جيل ڪسٽڊي باوجود کيس راهداري تي رکي ورتو، حليم عادل شيخ مخالف ڌر اڳواڻ آهي، ان خلاف وڌيڪ ڪيس ٺاهڻ کان روڪيو وڃي. عدالت رمارڪس ڏنا آهن ته پهرين مون کي ڪيس پڙهڻ ڏنو وڃي، ان کي ڇو آندو ويو، اسان آڏو جيڪا ايف آءِ آر آهي ان تي ڳالهايو، ڇا کيس نانگ مارڻ نٿو اچي؟ پير رکي ڇڏي ها. حليم عادل شيخ جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن نانگ کي ماري ڇڏي ها ته حڪومت لڏي وڃي ها. عدالت چيو ته ان نانگ جي ڳالهه ٿي رهي آهي جيڪو سندس ڪمري ۾ ڇڏيو ويو. عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان رپورٽ ۾ گاڏين جو ڪٿي لکيو آهي؟ جاچ آفيسر جواب ڏنو ته هي ماڻهو موقعي تي ڪنهن گاڏي تي آيا هوندا ان لاءِ گاڏين جو چئي رهيو آهيان. عدالت آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان چئي رهيا آهيو ته هنن ماڻهن کي مارڪٽ جو نشانو بڻايو، زخمي ڪير ٿيو هو؟ جاچ آفيسر جواب ڏنو ته 2 پوليس اهلڪار زخمي آهن. عدالت پڇاڻو ڪيو ته فائيل ۾ ڏيکاريو ته ڪٿي لکيل آهي ته پوليس وارا زخمي ٿيا، انهن جا نالا ڇا آهن؟ عدالت حليم عادل شيخ ۽ ٻين جوابدارن جي وڌيڪ جسماني رمانڊ واري پوليس جي اپيل رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته جوابدارن کي عدالتي رمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو