168

آصف علي زرداري ۽ نواز شريف جو فون تي رابطو، سينيٽ چونڊن، ملڪي صورتحال ۽ لانگ مارچ سوڌو مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان فون تي رابطو ڪيو آهي ۽ يوسف رضا گيلاني سان به ڳالهه ٻولهه ڪرائي. رپورٽن مطابق اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ن ليگ جي قائد نواز شريف وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ سينيٽ چونڊن، سياسي صورتحال  لانگ مارچ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن مطابق آصف علي زرداري پنهنجي سينيٽ اميدوار يوسف رضا گيلاني جي به نواز شريف سان ڳالهه ٻولهه ڪرائي، جڏهن ته نواز شريف سينيٽ چونڊن ۾ هر ممڪن سهڪار جو يقين پڻ ڏياريو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو