اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته جيستائين چونڊ چوري ٿيندي رهندي تيستائين ملڪ هلي نه سگهندو. ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جو وڌيڪ چوڻ هو ته اين اي 75 ڊسڪا جي ننڍي چونڊ ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي ۽ چونڊ چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان دوران پوليس خاموش تماشائي بڻيل هئي. سندس چوڻ هو ته اسان پولنگ لاءِ وڌيڪ وقت گهريو هو پر ڪو اضافي وقت نه ڏنو ويو، رٽرننگ آفيسر ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو ۽ سخت دٻاءَ جو شڪار هو. هن چيو ته تڪ جي 361 پولنگ اسٽيشنن مان 341 جو نتيجو آيو آهي، 20 پولنگن جا نتيجا ناهن آيا، 20 پولنگ اسٽيشنون رٽرننگ آفيسر جي آفيس کان 15 کان 20 ڪلو ميٽر پري هيون، جڏهن ته 20 پولنگ اسٽيشنن جا پرزائيڊنگ آفيسر به گم ٿي ويا، ماڻهو ٻڌائين ٿا ته سادا ڪپڙا پهريل گاڏين ۾ ماڻهو آيا هئا، پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ ٿيلهن کي کڻي ويا هئا، ان 20 پولنگ اسٽيشنن تي 88 سيڪڙو ووٽنگ ٿي هئي. هن چيو ته جڏهن يقين ٿي وڃي ته ملڪ ۾ قانون ناهي ته اهڙا ڪم ڪيا ويندا آهن، پرزائيڊنگ آفيسر صبح جو آر او آفيس پهتا ۽ بهانا پيش ڪيا، ڪنهن چيو ته عينڪ گم ٿي وئي ۽ ڪنهن چيو ته ننڊ اچي وئي.
147