ليکڪ: پروفيسر بشير سومرو
سينيٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه ھجڻ جي ڪري اڳوڻو آمريڪي صدر ٽرمپ مواخذي جي ٽرا ئل کان بچي ويو، ڇاڪاڻ ته ھن تي گورن جي ھڪ ڪٽر تنظيم ڪيو اينان کي اڀارڻ ۽ ڪيپيٽل ھل تي حملي ڪرائڻ کان سواءِ ھائوس جي اسپيڪر نينسي پلوسيءَ ۽ اڳوڻي نائب صدر پينس تي حملو ڪرائڻ جو الزام ھو ۽ بائيڊن انتظاميا ھن مواخذي جي ذريعي ٽرمپ کي اھڙي سزا ڏيارڻ ٿي چاهي جو وري ڪنهن به صدر کي جھموريت کي ڪمزور ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهي ۽ گڏوگڏ سندس حمايتين جن جي دماغ ۾ انتها پسندي گهر ڪري وئي آهي، انهن کي به سڌي راھه تي آڻڻ ھو، پر مواخذي جي ناڪامي بائيڊن انتظاميا لاءِ جھٽڪي کان گھٽ نه ھئي، جيتوڻيڪ سينيٽرن جي اڪثريت ٽرمپ جي خلاف مواخذي جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو ھو، جنهن ۾ ست ريپبليڪن به شامل ھئا. ٽرمپ جي مواخذي مان بچي وڃڻ جي پس منظر ۾ صدر بائيڊن پنهنجي ھڪ بيان ۾ چيو ته آمريڪا ۾ جمهوريت خطري ۾ آهي، جيڪڏهن ٽين دنيا جي ملڪ جو ڪو به سربراھه اھڙو بيان ڏئي ھا ته آمريڪا ھن وقت ان ملڪ تي معاشي پابنديون لاڳو ڪري چڪو ھجي ھا، پر ھي آمريڪا آهي جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو جمهوري ملڪ آهي، پر حيرت اها آهي ته صدر بائيڊن ٻاھرين دنيا کي جھموريت ۽ انساني حقن جو درس ضرور ڏيندو جنهن جي شروعات ھن چين ۽ ھندستان کان ڪئي آهي، ٽرمپ پنهنجي دور ۾ چين سان سڌي جنگ جي شروعات ڪئي ھئي پر ان جو روپ بدليل ھو يعني اھا واپاري جنگ ۾ تبديل ٿي وئي ھئي، جنهن جو نبيرو نه ٿي سگهيو ھو، ڇاڪاڻ ته ڪورونا واري وبا سڄي دنيا کي وڪوڙي وئي پر صدر بائيڊن وري انهيءَ جنگ کي سڌيءَ طرح جاري رکڻ جي بدران چين تي دٻاءُ وجھندي چيو آهي ته چين سنڪيانگ صوبي جي مسلمانن تي بدترين تشدد ڪري رهيو آهي، جنهن جي تفصيلي رپورٽ بي بي سي جي ويب پيج تي موجود آهي ۽ ان کان سواِءِ چين کي ھانگ ڪانگ ۽ تبت ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ جي قيمت چڪائڻي پوندي ۽ صدر بائيڊن روس سان پڻ ساڳي لھجي ۾ ڳالهايو هو، جتي صدر پيوٽن مخالف ڌر جي اڳواڻ اليڪسي نيوليني کي گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو آهي، اھڙي پس منظر ۾ صدر بائيڊن چيني صدر شي جنپنگ جي آڏو اهو اشو جي-7 جي اجلاس ۾ ضرور کڻندو پر ٻئي طرف وري صدر بائيڊن ھندستان جي وزيراعظم نريندر موديءَ کي فون ڪري دنيا اندر جمهوري قدرن کي بچائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جيتوڻيڪ ھن جو اھم مقصد چين جي خلاف محاذ کي سرگرم ڪرڻ آهي، ھندستان وڏي خراب نموني سان چين جي ڳچيءَ ۾ پيل آهي جو آمريڪا جو ٺاهيل ڪواڊ وارو فوجي اتحاد به ڪجهه نه ڪري سگهيو آهي، جڏهن ته صدر بائيڊن نريندر مودي کي اھا ھدايت نه ڪئي ته بي جي پي ۽ آر ايس ايس جي غنڊن کي لغام ڏئي جن نه صرف دلتن، مسلمان ۽ عيسائين کي ماريو ۽ ڌمڪايو آهي، پر مودي سرڪار جي ھر مخالف کي ھو ماري ۽ ڌمڪائي رهيا آهن ۽ انهن تي ڏينهون ڏينهن سختيون وڌائيندا ٿا رهن، پر ھندستاني انٽليڪچوئلس کي خبر آهي ته مودي سرڪار پنهنجي بدترين معاشي حالتن تي پردو وجهڻ لاءِ مذهب جو سھارو وٺي ماڻهن کي بيوقوف ڪري رهي آهي، ساڳيو ئي حشر مودي سرڪار ھارين جي تحريڪ سان ڪيو آهي، جيڪي لڳاتار احتجاج ڪري رهيا آهن، پر مودي سرڪار جي اھا ڪوشش ڪامياب نه ٿي رهي آهي ته اها ھن تحريڪ جو تعلق خالستان يا پاڪستان سان پيدا ڪري وٺي ته جيئن ان تحريڪ کي ڪچلڻ ۾ آساني ٿئي، ڇاڪاڻ ته ھن تحريڪ ۾ اڪثريت پنجاب جي سک ھارين جي آهي، ھن تحريڪ کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ ۽ عام ماڻهن ۾ خوف پيدا ڪرڻ جي لاءِ پوليس ھڪ ماحولياتي سرگرم ڪارڪن دشا رويءَ کي بنگلور مان گرفتار ڪيو آهي، جنهن تي اهو الزام لڳايو اٿن ته دشا رويءَ پنهنجي ساٿين سان گڏجي احتجاج ڪندڙ ھارين کي اڪاسيو آهي ۽ هن جي پويان خالستان ۽ پاڪستان جا ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن، دشا روي جي گرفتاري خلاف دھلي سوڌو ھندستان جي وڏن شھرن ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن، اھڙي ماحول ۾ آمريڪا ھڪ دفعو ٻيھر دنيا جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي آهي جنهن ۾ صدر بائيڊن جي-7 جي ٿيندڙ ورچوئل گڏجاڻي جي صدارت ڪندو، جنهن ۾ ڪورونا وبا تي عالمي گهرجن مطابق ويڪسين مھيا ڪرڻ، معاشي حالتن ۽ چين سان لاڳاپن جي حوالي سان سخت موقف رکندو ۽ ان بنياد تي ھو آمريڪا جي روايتي ساٿي ملڪن کي واپس ساڳي مقام تي آڻيندو، جتان ٽرمپ انهن کي ڇڏيو ھو، ساڳي طرح سان ڊفينس سيڪريٽري للائڊ آسٽن به نيٽو جي ميمبر ملڪن جي وزيرن سان ورچوئل گڏجاڻي ڪندو، جنهن ۾ ھو فوجي اتحاد کي سرگرم ڪندو، پر ياد رهي ته نيٽو جي ملڪن جي وچ ۾ مختلف فوجي ۽ توانائيءَ جي حوالي سان وڏا اختلاف موجود آهن، خاص طور تي جرمني جو روس کان گيس حاصل ڪرڻ تي ٽرمپ ۽ انجيلا مرڪل جي وچ ۾ سخت اختلاف ٿيا هئا، جو پريس بريفنگ دوران ٽرمپ انجيلا مرڪل سان ھٿ نه ملائي بيعزتي پڻ ڪئي ھئي پر جرمني ۽ فرانس جو آمريڪا جي مٿان دٻاءَ ھو ته ايران تان معاشي پابنديون ھٽايون وڃن جيئن ھو گئس ۽ تيل حاصل ڪن، ٻيو اھم مسئلو بريگزٽ جو آهي، جيڪو پڻ اھم اشو آهي پر انھن کان سواِءِ سڀ کان اھم اشو ترڪي ۽ يونان جو جهيڙو آهي، جنهن ۾ فرانس ۽ جرمني يونان جي پاسي آهن، جڏهن ته آرمينيا ۽ آذربائيجان جي جنگ ۾ پڻ ھڪٻئي جي مخالف ھئا، اھڙي صورت ۾ نيٽو اتحاد ڪيئن مضبوط ٿيندو اھا خبر للائڊ آسٽن جي گڏجاڻيءَ کان پوءِ پوندي، صدر بائيڊن کي ٻيھر دنيا جي طاقتور ملڪ طور تي قدم رکڻ جي لاءِ ڪجهه اھم مسئلن کي جلد حل ڪرڻو پوندو ۽ يمن، لبيا، ايٿوپيا، افغانستان ۽ شام ۾ ھلندڙ جنگ کي ختم ڪرائڻو پوندو.