172

معاشي ڌٻڻ ۽ جبلتن ۾ ڦاٿل اڄ جو انسان…

ليکڪ: اياز خاصخيلي

اڄ ڪلهھ جيڏانھن ڏسو مسئلا ئي مسئلا آھن، ڪٿي ماڻھو وڙھن پيا ته ڪٿي مرن پيا، ڪٿي ڦرجن پيا ته ڪٿي وري ڦرين پيا. ھڪ پاسي بيروزگاري وڌي وئي آھي ته ٻئي پاسي مھانگائي جو جن آپي کان ٻاھر آھي، ڪڏھن ڪڏھن رشتا لاجواب آھن ته ڪٿي ڪٿي رشتن کي رھڙيو پيو وڃي، امڙ، ادي، ڀائر، سئوٽ، ماسات ۽ دوستي جي تعلقن کي ڄڻ ته باھه لڳي وئي آھي، اخبارون پڙھو، ٽي وي ڏسو، سوشل ميڊيا جو چڪر لڳايو، ھر خبر جھڙوڪ ھارر خبر پئي لڳي، اعتبار ئي ڪونه ٿو اچي ته حضرت انسان اھڙيون غير انساني ۽ غير مهذب حرڪتون به ڪري سگھي ٿو؟. جيڪڏھن انھن حرڪتن، وارتائن ۽ انھن جي سببن جو پيڇو ڪريون ته انسان ۾ حيواني جبلتن وقت ۽ حالتن پٽاندڙ پنھنجي سرگرمين ۾ واڌ آڻيندي روين تي غلبو حاصل ڪري ورتو آهي، جبلت ھڪ اھڙي انساني صلاحيت آھي جنھن ۾ سکيا ۽ تعليم ھجڻ ضروري ناھي، اھا صلاحيت ڪنھن به انسان سان گڏ پيدا ٿيندي آھي، جبلت جو سفر انساني ارتقا کان وٺي اڄ ڏينھن تائين مختلف روپن ۽ رنگن ۾ سفر ڪندو اچي، انسان ۾ موجود حيواني جبلتن جا رنگ ڏسي دنيا ۾ مضبوط ترين جذبا ڪنٽرول ڪري رکندڙ پيشي سرجري جا ڊاڪٽر به بي حسي تي نه چاھيندي به لڙڪ لاڙي ويھندا آھن، جنھن جا مثال معصوم عليشا جي سرجري ڪندڙ چانڊڪا جي سرجن ۽ افشان جو چيڪ ڪندڙ دادو جي ڊاڪٽرياڻي آهن، ھي اھي ڊاڪٽر آھن جن پنھنجي ميڊيڪل ڪيرئير ۾ سوين ھزارين انسان جي چير ڦاڙ ڪئي ھوندي آھي ۽ مجال آھي جو ڪو لڙڪ لڙيو ھجي. ھي ته ڊاڪٽر آھن ، پر اھڙا غير انساني واقعا ڏسيو عام انسان ته ڪيترن ئي لمحن لاءِ مري ويندو آھي. جڏھن ڊاڪٽر ۽ عام انسان جي اھا حالت آھي ته ڪجهھ لمحن لاءِ سوچيو ته انھن غير انساني جبلتن جو شڪار انسان جي رت جي رشتن جي ڪھڙي حالت ھوندي.ائين ڪونھي ته اھڙا واقعا ھاڻ پيا ٿين، اھي واقعا انساني ارتقا کان ئي مختلف نمونن سان ٿيندا رهيا آهن، پر انھن ۾ حد کان وڌيڪ واڌ هاڻي آئي آھي. گھڻو پوئتي ڪونه ٿا وڃون پر گذريل ڪجهھ سالن ۾ اهڙن غير انساني جبلتن جي ڪري ٿيندڙ واقعن اسانجي سماج کي جھنجھوڙيو آھي، انسانيت کي جھنجھوڙيو آھي. اي پي ايس پشاور ۾ دھشتگردي ۾ شھيد ٿيندڙ معصومن وارو واقعو، گذريل سال لاھور موٽروي واقعو جنھن ۾ ٻارڙن جي سامھون سندن ماءُ جي عصمت پائمال ڪئي وئي، اپريل ۾ ميرپور بٺوري ۾ مست نوجوان کي نانگ کان ڪکائڻ وارو واقعو، جون 2020ع تي  ٽٺو ۾  محسن کتري نالي درويش صفت انسان سان پڙھيل لکيل نوجوانن جو غير انساني سلوڪ، محبت ديرو جتوئي جي حد ۾ 20 سالن جي نوجوان سيد عظيم شاھ کي سندس ئي زمين تي ڦاهو ڏئي مارڻ بعد تيزاب ھاري لاش جي بيحرمتي ڪرڻ، جولائي ۾ سيوھڻ جي خالد نوحاڻي کي ڪارو ڪري بيدردي سان مارڻ، ڪي اين شاھ واسي پٽن پاران امڙ کي گوليون ھڻي ابدي ننڊ سمهارڻ ، قمبر ۾ ٽن نوجوانن پاران يتيم نياڻي سان گڏيل زيادتي ڪرڻ، مانجھند ڀرسان وزيران ڇڇر کي پٿر ھڻي بي دردي سان مارڻ جو واقعو، ھن سال جي شروع ٿيندي ئي پير ڳوٺ واقعو جنھن ۾ 8 سالن معصوم نياڻي مونيڪا سان زيادتي ڪري قتل ڪرڻ، اڃا انھن واقعن جا نقش ذھن تان لٿا ئي ڪونه هئا ته دادو وارو واقعو پيش آيو جنھن ۾ هڪ نوجوان اياز پنھور ٽن سالن جي نياڻي افشان سان لڄالٽ ڪئي.  حقيقت اھا آھي ته اڄڪلهھ انسان مان محسوس ڪرڻ واري سگهھ گھٽ ٿيندي پئي وڃي جنھن سبب احساس لفظن ۾ آھي پر حقيقي وجود ۾ ناھي، جيڪڏھن انھن غير انساني يا حيواني جبلتن جي واڌ جي سببن جي پرک ڪجي ته کوڙ سارا عنصر سمجهھ ۾ ايندا جن ۾ ڪجهھ اندريان ۽ ڪجهھ ٻاهريان آھن. ٻاھرين عنصرن کي ڏسجي ته اسان جو سماج، رھڻي ڪھڻي، ٽيڪنالاجي جو غيرضروري استعمال، عزت ذلت، معاشرتي گھٽ وڌائي، والدين جو اولاد کي گھٽ ٽائيم ڏيڻ سان گڏ اڻپوري تربيت، ناانصافي، منجھيل عدالتي نظام، وقت تي انصاف نه ملڻ، سامراجي لٽڪيل تلوار،  سڌي ۽ اڻ سڌي طرح غير ضروري ۽ غير اخلاقي مواد جي تشھير وغيره. جڏھن ته اندروني عنصرن ۾ ڪٽرپڻو، انا، مادي خواھشن ۾ بي پناھ اضافو، احساس برتري ، احساس ڪمتري، عدم برداشت جھڙا عمل شامل آھن. بنا ڪنهن شڪ جي اسان وٽ قانوني نظام پيچيده آھي جنھن سبب جوابدار يا ته آزاد ٿيو وڃن يا وري ڪيس ھلي ھلي ڪمزور ٿيو وڃن. وقت تي درست فيصلا نه ٿيڻ، سزائون نه ملڻ به ھڪ سبب آھي، جيتوڻيڪ گذريل ڪجهھ ڏينھن ۾ اھڙن واقعن جي واڌ سبب ڪافي قانون سازي ڪئي وئي آھي، پر ان جو لاڀ ڪڏھن ملندو اھو وقت ٻدائيندو، اھڙن واقعن کان بچڻ لاءِ اسان سڀني کي ذميوار والدين ۽ شھري جو ثبوت ڏيڻو پوندو ۽ پنھنجي ٻارن جو پاڻ خيال ڪرڻو پوندو جئين اھي غير انساني جبلتن جو شڪار نه ٿين. ان لاءِ ھميشه پنھنجي ٻار جي سرگرمين تي نظر رکو، انھن جي دوستن سان مختلف موقعن تي ملندا رھو، غير ضروري خواھشن کي پورو ڪندي مھل انھن کان انھي خواھش جا سبب ،فائدا ۽  نقصان ضرور ڊسڪس ڪريو، پنھنجي ٻارن توڙي خاندان جي ماڻھن کي وقت ڏيو ۽ انھن کي مھيني پندرھين ڏينھن گھمائڻ ڦيرائڻ وٺي وڃو جئين غير ضروري خواھشون جنم نه وٺن. ٻارن کي مصروف رکڻ لاءِ غير نصابي سرگرمين ۾ سرگرم رکو. پنھنجي گھر کان ٻاھر ۽ آڙي پاڙي ۾ شڪي ماڻھن ۽ غير ذميوار سرگرمين تي گھري نظر رکو. اھو ڪم اسانجي معاشري کي بھتر ڪرڻ ۾ ڪافي مددگار ٿي سگھي ٿو. باقي ڪم رياست ۽ قانوني ادارن جو آھي ته ملڪ ۾ رھندڙ ھر شھري کي مڪمل تحفظ ۽ آزادي سان رھڻ جو حق ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو