173

ڄامشورو ۾ بجلي جي تار لڳائڻ تان حيسڪو عملي ۽ رهواسين وچ ۾ ڇڪتاڻ، هڪٻئي خلاف احتجاجي مظاهرا

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو شھر جي ڀريا وليج فيز 2 ۾ نور شاهه ڪالوني واري علائقي جي آبادي جي شهرين پاران ذاتي لڳرايل ٽرانسفارمر جي بجلي ٻي ڪالوني جي آبادي کي ھڪ سروس تار وسيلي ڏيڻ تان رھواسين ۽ واپڊا عملي ۾ ڇڪتاڻ ٿي وئي ۽ جهيڙو ٿي پيو، رھواسين جي سخت مزاحمت ڪرڻ تي واپڊا عملو  ٽرانسفامر جي 11 هزار واري بجلي جي تار ڪٽي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، جنھن تي پريشان ٿيل رهواسين واپڊا ڪالوني ۾ موجود ايس ڊي او حيسڪو آفيس پهچي ايس ڊي او سان ملاقات ڪري اصل حقيت ٻڌائي ۽ ٽرانسفارمر تي لڳل 25 ميٽرن جا ادا ڪيل بل ڏيکاريا ۽ ان ٽرانسفارمر جي بجلي خانگي ماڻھن  ذريعي بغير ميٽر جي غير لاڳاپيل علائقي ۾ ڏيڻ واري حيسڪو عملي جي عمل جي شڪايت ڪئي ۽ پنهنجي ذاتي خريد ڪيل ٽرانسفارمر مان بجلي نـ ڏيڻ ۽ ڪٽيل بجلي بحال ڪرڻ، غير قانوني بجلي جو ڪنيڪشن هڻندڙ حيسڪو ملازمن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ته ايس ڊي او حيسڪو مڇرجي  پيو ۽ پنهنجي آفيس ۾  شھرين کي مارڪٽ ڪرائي آفيس مان ڌڪا ڏئي ٻاھر ڪڍرائي ڇڏيو، جنھن تي شھري مڇرجي پيا ۽ واپڊا آفيس اڳيان مظاھرو ڪرڻ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڄامشورو ڦاٽڪ پهچي ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ رھواسين محمد عثمان جيسر، مختيار چانڊيو، بشير ڀلائي، زاھد شاھ، صابر ڀلائي، نديم ڪانڌڙو ۽ ٻين چيو ته اسان پنھنجي علائقي لاءِ ڪوشش وٺي رقم خرچ ڪري ٽرانسفارمر منظور ڪرائي لڳرايو آھي، ھر مھيني وقت سر بل ادا ڪندا آھيون ۽ جيڪڏھن ٽرانسفامر سڙي وڃڻ يا خراب ٿيڻ جي صورت ۾ پنھنجا پئسا ڀري ٺھرائيندا آھيون، ان باوجود حيسڪو جو راشي عملو ايس ڊي او وحيد ٻرڙو جي مدد سان لائين مين منير ڪولاچي لکين روپيا رشوت وٺي اسان جي ٽرانسفارمر مان ٻي ڪالوني ۾ ھڪ سروس تار وسيلي بجلي ٺيڪي تي ڏيڻ چاھي پيو، منع ڪرڻ تي ھو مڇرجي اسان جي ٽرانسفارمر جون لنڪون لاھي کڻي ويا آھن ۽ حيسڪو آفيس ايس ڊي او کي شڪايت ڪري ازالي جو مطالبو ڪيو ته هو حيسڪو عملي بجاءِ ڏمرجي پيو ۽ اسان کي گٿا لفظ ڳالهايا ۽ پنهنجي عملي هٿان مارڪٽ ڪرائي ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي آفيس مان ڪڍي ڇڏيو. ھنن چيو تـه اسان رهواسي بل ڀريندڙ آهيون پر راشي عملو تنگ ڪري رھيو آھي. ھنن واپڊا جي وفاقي وزير ۽ حيسڪو چيف کان مطالبو ڪيو آھي ته مامري جو نوٽيس وٺي ڪرپٽ ايس ڊي او حيسڪو ۽ ان جي  عملي کي ھٽايو وڃي، اسان جي بجلي بحال ڪرائي وڃي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. ھوڏانھن واپڊا عملي جي اھڙي داداگيري ڪرڻ تي سڄاڻ ڌرين ۾ تاءُ پکڙجي ويو آهي ۽ ايس ڊي او حيسڪو ۽ ان جي عملي خلاف سخت احتجاج ڪرڻ لاءِ عوامي رابطا مھم شروع ڪئي وئي آھي. ٻئي طرف ايس ڊي او حيسڪو آفيس ۾ حيسڪو عملي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ۽ احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ حيسڪو ملازم يونين جي اڳواڻن مظفر قريشي، اڪبر ميمڻ ۽ ٻين الزام هنيو ته شھرين حيسڪو آفيس تي حملو ڪيو ۽ عملي کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي پاڻ بجلي چور آهن ۽ سرڪاري ٽرانسفارمر تي قبضو ڪري ويٺل آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو