163

صدارتي آرڊيننس بدنيتي تي ٻڌل آهي، صدر آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، هُن پنهنجي پارٽي ۾ بغاوت کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ آئيني ادارن کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي: پيپلز پارٽي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر رضا رباني سينيٽ چونڊن بابت صدارتي آرڊيننس تي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پنهنجي پارٽي ۾ بغاوت کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ توهان آئيني ادارن کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي. سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي رضا رباني جو چوڻ هو ته صدر آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، هڪ سياسي پارٽي جي ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ لاءِ آئين جي خلاف ورزي ڪئي وئي. رضا رباني چيو ته سپريم ڪورٽ آڏو صدارتي ريفرنس ۾ به پيش ٿي رهيو آهيان، صدارتي آرڊيننس جاري ٿيڻ کانپوءِ اڄ سينيٽ جو پهريون اجلاس آهي، آئين مطابق جاري ٿيڻ کانپوءِ آرڊيننس پهرين اجلاس ۾ پيش ٿيڻ گهرجي ها. سينيٽر رضا رباني چيو ته سينيٽ چونڊن بابت آرڊيننس سڀاڻي قومي اسيمبلي ۽ اڄ سينيٽ ۾ پيش نه ٿيو، صدارتي آرڊيننس جاري ٿيڻ بدنيتي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا سينيٽ چونڊن لاءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪندي آهي، صدر آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو