161

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 12 مريض فوت ۽ 404 متاثر ٿيا آهن: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 12 مريض فوت ٿيا آهن جڏهن ته فوتين جو تعداد 4288 ٿي ويو آهي ۽ 11499 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 404 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 12 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن ۽ فوتين جي تعداد 4288 تائين پهچي وئي آهي جيڪا فوتين جي شرح 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 11399 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جن مان 404 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 3.5 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2937931 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 255833 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن جن مان 93 سيڪڙو يعني 238792 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 294 به شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت 12753 مريضن جو علاج جاري آهي جن مان 12309 گهرن ۾، 8 آئسوليشن مرڪزن ۽ 436 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 397 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن مان 58 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو. بيان موجب 404 نون ڪيسن مان 232 ماڻهو ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 120، ضلع سينٽرل 47، ضلع ڏکڻ 47، ضلع ملير 16، ضلع ڪورنگي 7 ۽ ضلع اولهه 5 شامل آهن. حيدرآباد 61، بدين 28، شهيد بينظير آباد 13، جيڪب آباد 12، ميرپورخاص 7، عمرڪوٽ 6، لاڙڪاڻو ۽ مٽياري 5-5، گهوٽڪي، نوشهروفيروز، سجاول ۽ ٽنڊوالهيار 4-4، قمبر ۽ خيرپور 3-3، سکر 2، ٺٽو ۽ ڪشمور 1-1 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا. سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريو ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو