اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز جو چوڻ آهي ته اين اي 75 ڊسڪا ۾ فائرنگ جو واقعو ثبوت آهي ته ن ليگ ڏنڊي، ڌانڌلي، تشدد ۽ غنڊه گردي واري سياست تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته ليگي جٿن پولنگ اسٽيشنز کي يرغمال بڻائي ووٽ جي عزت کي ڀوا ڀورا ڪيو، پي ٽي آءِ چونڊن ۾ شفافيت جڏهن ته مخالف ڌر خريد، وڪري ۽ پئسي واري سياست جو تسلسل چاهي ٿي. هن چيو ته ڊسڪا واقعي جي ذميوارن کي انجام تائين پهچائينداسين.
164