202

شيرين مزاري گم ٿيل ماڻهن بابت لڳايل ڌرڻي ۾ پهتي، وارثن سان ملاقات، وزيراعظم جو پيغام پهچايو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري وزيراعظم جي هدايتن تي گم ٿي ويل ماڻهن جي وارثن جي ڌرڻي ۾ پهچي ساڻن ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم جو پيغام پهچايو. انساني حقن واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق وفاقي وزير شيرين مزاري ڌرڻي هڻندڙن کي چيو ته هو ڌرڻو ختم ڪن، ايندڙ مهيني ۾ ٽه رڪني ڪميٽي سان ملاقات ڪن، ان ملاقات جو بندوبست پاڻ ڪندي. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي فهرست مطابق گم ٿيلن جي وارثن سان ملاقات کان اڳ گم ٿيل ماڻهن جي صورتحال معلوم ڪري وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويندو. ان موقعي تي وارثن چيو ته ڌرڻي ۾ موجود 13 خاندانن جي گم ٿيلن جي معاملن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي. وفاقي وزير گم ٿيلن جي وارثن جي درخواست کي نوٽ ڪيو. ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته قانون سازي ذريعي گم ٿيل ماڻهن جي ان عمل جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون ۽ ان سلسلي ۾ قدم کڻي رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو