تافتان(ويب ڊيسڪ) گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ايران سان ملڪي واپار کي هٿي وٺرائي ويندي ۽ آمد و رفت کي وڌيڪ آسان بڻايو ويندو. داخلي سلامتي کي پڻ يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. اهڙو اظهار هن تافتان جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. گهرو وزير پاڪ ايران سرحد تي بارڊر تي تافتان ۾ واپار کي هٿي وٺائڻ ۽ آمد و رفت جو جائزو ورتو. آءِ جي ايف سي بلوچستان سان ميجر جنرل امان بلاول صفدر گهرو وزير سان گڏ هو. گهرو وزير تربت مان هيليڪاپٽر ذريعي تافتان پهتو. پاڪستان ايران بارڊر جو جائزو ورتو ويو ۽ زائرين لاءِ قائم ڪيمپ جو معائنو ڪيو.گهرو وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي سرحد تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جو ڪم 40 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، 928 ڪلوميٽر بارڊر تي هلندڙ سال جي آخر تائين ڪنڊيدار تارن لڳائڻ وارو مرحلو مڪمل ٿي ويندو. پاڪستان جي ايران ۽ افغانستان سان سرحد مينجمينٽ کي جديد بڻائي رهيا آهيون. ملڪي واپار کي هٿي ڏيارڻ ۽ ماڻهن جي اچ وڃ کي آسان بڻايو پيو وڃي.
