ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا غازي خان جي ٿاڻي شاهه صدر دين جي علائقي پل شيخاني وٽ بازار ۾ هڪ هٿياربند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 14 زخمي ٿي پيا، عوام جي جوابي ڪارروائي ۾ هٿياربند شخص به مارجي ويو. بازار جي مک چوڪ وٽ چادر ويڙهيل شخص اوچتو ڪلاشنڪوف ڪڍي چئني پاسي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ماڻهن فائرنگ ڪندڙ شخص تي سرن ۽ پٿرن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ هن به دم ڏنو. اطلاع تي پوليس ۽ امدادي ٽيمن پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، حملو ڪندڙ ڪير هو ڪٿان آيو هو ان بابت پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
