190

ڄامشورو ۾ بنيادي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪميٽي پاران بک هڙتال، ڊي سي ۽ چونڊيل نمائندن خلاف نعريبازي

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) عوامي احتجاجي مظاهرون، ڌرڻن، ريلين ۽ بک هڙتالن باوجود ڄامشورو شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ تي رهواسي ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن، ڄامشورو جدوجهد ڪميٽي طرفان ڄامشورو شھر جي مک جي ايم سيد چوڪ وٽ بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي، جتي احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪندي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي ڄامشورن تي سخت ڇوھ ڇنڊيا آهن. احتجاجي ڪيمپ جي اڳواڻي  ڄامشورو ڄامشورو جدوجھد ڪميٽي جو چيئرمين محمد قمبراڻي، جنرل سيڪريٽري پير بخش سهارڻ، سليمان ڀلائي، اين بي کوسو، ڪامريڊ امان الله چانڊيو، زوار ثابت علي شاهه، حق نواز برهماڻي، فضل خان چانڊيو، مولانا صبغت الله بازري علي جان سنڌي ۽ ٻيا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ جي ناليواري راڳي دانش منظور، ليکڪ ايڇ ايم چانڊيو، سماجي اڳواڻ شيخ عبدالله ڪوهستاني، عرفان برفت سوڌو شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڄامشورو جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڄامشوري شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي بنيادي کي حل ڪرڻ لاءِ ھلايل مسلسل تحريڪ ۽ لکت ۾ مسئا پيش ڪرڻ  باوجود به ذميوار ھتان جا چونڊيل نمائندا، ڊي سي ڄامشورو ۽ واسطيدار کاتن جي آفيسرن جي ڪن لاٽار ٽال، مٽول ۽ بي ڌياني جاري آهي، ان ڪري مسئلن جي حل لاءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر پرامن ۽ مرحليوار احتجاجي تحريڪ ھلائي پئي وڃي، هنن ڄامشورو واسين کي اپيل ڪئي آهي ته هو بنا ڪنهن متڀيد جي احتجاجي تحريڪ جو ساٿ ڏين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو