حيدرآباد (رپورٽ: حاڪم چانڊيو) مادري ٻولين جي بچاءُ جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا جيان سنڌ ۾ ملهايو پيو وڃي. هن ڏينهن ملهائڻ جو بنيادي مقصد مادري زبانن کي هٿي ڏيارڻ ۽ انهن سان لاڳاپيل ثقافت کي ترقي وٺرائڻ هوندو آهي. گڏيل قومن جي معاهدي تحت پاڪستان سوڌو دنيا جا سوين ملڪ پنهنجي علائقائي ٻولين کي بچائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ جا پابند آهن، ان سلسلي ۾حيدرآباد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري طرفان سنڌ ثقافت کاتي جي سهڪار سان مادري ٻولين جي اهميت ۽ حيثيت جي موضوع تي قومي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، اٿارٽي جي سيڪريٽري شبنم گل، اڳوڻي سيڪريٽري تاج جويو، سنڌ جي ناميارن ليکڪن ڊراما نويس پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم، شوڪت شورو، ناليواري صحافي ۽ ليکڪ مدد علي سنڌي، بيورو آف ڪريڪيوليم جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ادريس جتوئي، ناليوارو شاعر ۽ صحافي نياز پنهور، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر پروفيسر سليم ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجا، پنجاب مان پنجاب يونيورسٽيءَ لاهور مان آيل پروفيسر ڊاڪٽر نبيلا رحمان، ڪي پي ڪي مان ڊاڪٽر اباسين خٽڪ، ڪراچي اردو يونيورسٽي مان ڊاڪٽر جعفر احمد، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ ڄامشورو جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو، نصير مرزا ۽ ٻين سان گڏ سنڌ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جو پيغام پڙهي ٻڌايو ويو جڏهن ته اسلام آباد مان ڊاڪٽر طارق رحمان وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ۽ مقالا پيش ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي عالمي اداري يونيسڪو طرفان هن ڏهاڙي ملهائڻ جي شروعات بنگلاديش ۽ ٻين 28 ميمبر ملڪن يونيسڪو جي جنرل ڪانفرنس ۾ 21 فيبروريءَ کي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن قرار ڏيڻ کان پوءِ هر سال ملهايو ويندو آهي. مقررن اهو به چيو ته بنگالين، پنهنجي ٻولي بنگلا کي مڃتا ڏيارڻ لاءِ جهدوجهد ڪئي هئي. جنهن ۾ 1952ع ۾ بنگالي ٻولي بچايو تحريڪ جي سلسلي ۾ ان وقت جي اوڀر پاڪستان ۽ موجوده بنگلاديش گادي واري شھر ڍاڪا ڍاڪا يونيورسٽي جي شاگردن طرفان ڪيل احتجاج دوران قانون لاڳو ڪندڙن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪندڙن تي فائرنگ ڪئي وئي هئي جنهن ۾ 5 شاگرد مارجي ويا هئا، هزارين زخمي ٿي پيا هئا سوين شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو هو، مارجي ويل شاگردن کي ٻولي جا شهيد قرار ڏنو ويو هو. مقررن چيو ته دنيا 40 سيڪڙو ٻار مادري ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪري نه ٿا سگهن. تعليمي معاشري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڄوڪي ڏينهن جو موضوع آهي ٻين ٻولين کي هٿي وٺرايو وڃي، ان ڪري ٻارن کي مادري ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بنيادي حق آهي، اهو دنيا تي واضح ٿي چڪو آهي ته جيڪي پنهنجي ٻولي سکن ٿا ته ٻين ٻولين ۾ وڌيڪ ۽ سگهارو آواز اٿاري سگهي ٿو، ڪيترا ڀيرا هتي اعلان ٿيو آهي پر سنڌي سوڌو ٻين ٻولين کي قومي جو درجو نه ڏنو ويو آهي. سنڌ ۾ تعليم جو سرشتو هٿ وٺي تباهه ڪئي وئي آهي، خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي نه ٿي پڙهائي وڃي، جن سرڪاري اسڪولن ۾ 7 سال آسان سنڌي پڙهندڙ به سنڌي ڳالهائي، پڙهي نه سگھن. هتي نه رڳو اسڪولن پر تعليمي بورڊن ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا تباهه حالي کان هرڪو واقف آهي. مقررن گهر ڪئي ته سنڌي ٻولي سوڌو ملڪ جي ٻين قومي ٻولي ۾ پنجابي، بلوچي، پشتو، سرائڪي، گجراتي، راجستاني ۽ ٻين ٻولين کي قومي درجو ڏنو وڃي، سرڪاري اسڪولن سان گڏ غير سرڪاري اسڪولن ۾ مادري ٻولين کي پابندي سان پڙهايو وڃي. اسڪولن ان موقعي تي ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ٻن ڪتابن سنڌي لسانيات: تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس، ايوليوشن آف سنڌي لينگويج سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي تحقيقي جنرل سنڌي ٻولي جي رونمائي پڻ ڪئي وئي. قومي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ناميارن ڏاھن، اڪابرن، اديبن، قلمڪارن، سياسي، سماجي، علمي ادبي شخصيتن صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران ويجهڙ ۾ فوت ٿي ويل اديبن، صحافين، شاعرن، بيوروڪريٽن جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ اجتماعي دعا گهري وئي
