165

پرويز خٽڪ جي ڀاءُ ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ جي حمايت وارو الزام رد ڪري ڇڏيو

نوشهره (ويب ڊيسڪ) نوشهره جي ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ جي اميدوار جي حمايت ۾ وزارت وڃائيندڙ اڳوڻي صوبائي وزير لياقت خٽڪ پنهنجي مٿان مڙهيل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته مون ڪوبه غيرقانوني ڪم ناهي ڪيو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ جي ڀاءُ لياقت خٽڪ جو چوڻ هو ته ن ليگ جي حمايت نوشهره جي عوام ڪئي، مون ناهي ڪئي، تحريڪ انصاف ورڪرن ن ليگ جي سرعام حمايت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي هٽائڻ جو ڪو سبب ناهي ڄاڻايو ويو، وزيراعظم سان ملڻ چاهيان ٿو، مون هميشه پنهنجي ڀاءُ پرويز خٽڪ لاءِ سياست ڪئي، هو غلط ماڻهن جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو