179

ننڍي چونڊ ۾ هار کانپوءِ حڪمرانن کي پنهنجي حيثيت جي خبر پئجي وئي آهي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته حڪومت ننڍي چونڊ دوران کليل نموني سان آڏو اچي وئي آهي، هار کانپوءِ حڪمرانن کي پنهنجي حيثيت جي خبر پئجي وئي آهي. ڊسڪا روانو ٿيڻ کان اڳ جاتي امرا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊسڪا جي عوام جمهوريت جي ويڙهه وڙهي، ووٽ کي عزت ڏني، عوام اٽو ۽ کنڊ چورن کي رد ڪري ڇڏيو، کين عوام ۾ پنهنجي حيثيت جي خبر پئجي وئي آهي. مريم نواز چيو ته ننڍي چونڊ ۾ حڪمران وائکا ٿي ويا، عوام کي سمجهه ۾ اچي ويو ته 2018ع ۾ سندن ووٽ ڪيئن چوري ڪيا ويا ۽ ڪهڙي ريت 2018ع جي چونڊن تي ڌاڙو هڻي عمران خان کي ملڪ مٿان مڙهيو ويو، ننڍي چونڊ ۾ هنن فائرنگ ڪرائي ۽ ٻن ڄڻن کان حياتي کسي، ڪجهه نه مليو ته وري پرزائيڊنگ آفيسر کي اغوا ڪرايو، ڇاڪاڻ ته انهن وڪامجڻ کان انڪار ڪيو هو، 20 پولنگ اسٽيشنز تي نتيجا تبديل ڪيا ويا، حڪومت سمورين سازشن باوجود هارائي وئي، جيڪڏهن خبر هجي ها ته حڪومت ٻه جانيون وٺندي ته ڊسڪا واري سيٽ کين هونئن ئي ڏئي ڇڏيون ها. هن چيو ته چئني صوبن جي عوام حڪمرانن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، رياستي دهشتگردي باوجود مخالف هارائي ويا، عوام بدترين ڌانڌلي باوجود حڪمرانن کي پنهنجي حيثيت ياد ڏياري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو