190

آبهوائي تبديليءَ جا فصلن تي پوندڙ اثر….

ليکڪ: حسام نظاماڻي

دنيا اندر ماحولياتي گدلاڻ ۽ گئسز خارج ٿيڻ وارو معاملو انتهائي سنجيدگي سان بحث هيٺ آيل آهي ۽ سڄي دنيا اندر گئسز خارج ڪرڻ وارو عمل گهٽائڻ لاءِ تمام گهڻيون تحريڪون پڻ هليون، ويجهڙ ۾ هڪ شاگردياڻي جي تحريڪ سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي مشهور ٿي ۽ ان تحريڪ جي نتيجي ۾ هڪ عالمي اجلاس دوران هزارين ماڻهن جي گڏ ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا جي اڳوڻي صدر ٽرمپ دنيا  ۾ گلوبل وارمنگ بابت ٺاهه کان عليحدگي اختيار ڪئي، سڄي دنيا هن وقت موسمي تبديلين کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ خاص ڪري گلوبل وارمنگ وارو مسئلو انتهائي تيزي اختيار ڪندو پيو وڃي. جنهن سبب وڌندڙ گرمي جا فصلن تي به تمام خراب اثر ظاهر ٿي رهيا آهن، جنهن جو بنيادي ڪارڻ گرين هائوس گئسز پڻ آهن. جيڪي قدرتي طور اسان جي ڌرتي تي زندگي لاءِ انتهائي ضروري آهن، پر انسان جي ظلم سبب هاڻ اهي خطرناڪ حد تائين وڌي ويون آهن. جنهن سبب اوزون ليئر کي نقصان پھچي رهيو آهي. اوزون اسان جي وايو منڊل جو هڪ تهھ آهي، جيڪو سج جي ڪرڻن کي سڌي ريت اچڻ کان روڪي ٿو، پر ڪاربان سميت ٻين نقصانڪار گئسن جي وڌي وڃڻ جي ڪري اهي ڪرڻا ڌرتي تي سڌي ريت اچي ته وڃن ٿا، پر واپس وڃڻ ۾ مشڪلات پيش اچي ٿي. اوزون ليئر کي نقصان رسڻ جا ڪارڻ ڪجهھ هيءَ به آهن جهڙوڪ انڊسٽريز جو انتهائي گهڻو استعمال ڪرڻ ۽ ٻيلن جي واڍي ڪرڻ سبب وڻن جي کوٽ پيدا ٿيڻ ٻه اهم ڪارڻ آهن، وڻ جيڪي ڪاربان کڻندا آهن. اها ڪاربان ماحول ۾ ملي ڪري اسان جي وايو منڊل کي گدلو ڪري رهي آهي، ان سبب اسان جي فصلن کي به تمام گهڻو نقصان پهچي رهيو آهي، گرمي پد وڌڻ ڪري هڪ ته فصل جي پوکائي واري وقت ۾ تبديلي اچي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به فصل جي واڌ ويجهھ لاءِ گهربل موسم لازمي هوندي آهي. جيڪڏهن اها نه ملي ته فصل تي ناڪاري اثر پوندا آهن. ٻيو ته گرمي پڌ وڌي وڃڻ سبب فصل کي بيماري گهڻي لڳي ٿي. جنهن سبب ڪيميائي دوائن جو استعمال وڌي رهيو آهي، جيڪو عارضي طور فصل جي اپت ته وڌائي ٿو، پر زمين جي زرخيزيءَ کي ختم ڪندو پيو وڃي. جنهن سبب هر سال فصل جي اپت جي ايوريج گهٽجي رهي آهي، ٻيو ته گرمي وڌڻ ڪري پاڻي گهڻو استعمال ٿي رهيو آهي. ٻاڦ به گهڻي ٿي رهي آهي. جنهن سبب زرعي پاڻي جي ڏينهون ڏينهن کوٽ پيدا ٿيندي پئي وڃي. ڄميل برف جي متعلق هڪ عالمي اداري ICSI  خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ان طريقي سان ئي گرمي پد وڌندو رهيو ته هماليه ۾ موجود گليشيئرز 2035ع تائين پگهرجي ويندا، جنهن سان تمام گهڻيون ٻوڏون اينديون ۽ماحوليات سخت متاثر ٿيندي، واضح رهي ته سنڌو درياھه سميت ننڍي کنڊ جي گهڻين ندين جي شروعات هماليه کان ٿئي ٿي. جيڪڏهن گليشيئرز ختم ٿي ويا ته زرعي پاڻي جي وڏي کوٽ پيد اٿيندي ۽ فصلن سان گڏ انساني آبادي به خطري ۾ پئجي ويندي. گلوبل وارمنگ جو گهڻو نقصان پاڪستان جي Tropical Regions يعني گرم علائقن تي پوندو. جتي تمام گهڻو فصل ٿئي ٿو. جڏهن ته آبهوائي تبديلي سبب مونسون برساتون پڻ ايندڙ پنجاھه سالن ۾ گهٽجي وينديون. ياد رهي ته پاڪستان جي گهڻي ڀاڱي زراعت سانوڻي جي برسات جي ڪري ئي ٿئي ٿي، جيڪڏهن اسان چئلينج بڻيل موسمي حالتن تي ڌيان نه ڏنو ته  هڪ طرف اسان جا نسل ۽ ٻئي طرف انهن جي کاڌ خوراڪ خطري ۾ پئجي ويندي، اهڙي صورتحال ۾ ننڍي کنڊ جي حالت به ڏڪار سٽيل صوماليا، ايٿوپيا ۽ ٻين ملڪن جهڙي ٿي ويندي ۽ هڪ شاهوڪار خطي جا ماڻهو ساهه کڻڻ لاءِ به پريشان رهندا، هونئن به ڏٺو وڃي ته اسان وٽ ماضي ۾ وڏڙا وڻن کي گهر ڀاتي سان تشبيهه ڏيندا هئا ۽ انهن جي به ايتري ئي خدمت ڪندا هئا، جيتري گهر جي ڪنهن ڀاتي جي ڪبي آهي، تنهنڪري هاڻ اسان سڀني کي گهرجي ته انفرادي طور جيترو ٿي سگهي، وڻ لڳايون ته جيئن اسانجو خراب ٿيندڙ وايو منڊيل صاف ٿي سگهي ۽ اسان جي جياپي جو ذريعو بڻيل فصلن جي اپت پڻ برقرار رهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو