160

بهار جي موسم ۽ ملڪ جون تيزي سان تبديل ٿيندڙ حالتون…

ليکڪ:  علي محمد ميمڻ

بهار واري موسم جي شروع ٿيڻ سان ئي ملڪ ۾قدرت جي قانون تحت تبديلين وارو عمل پڻ شروع ٿي ويو آهي. ملڪ تي ڇانيل آمراڻي ڪاري رات وارو آخري پهر پڻ آخرڪار پنهنجي پڄاڻي تي  پهچڻ لڳو آهي. ملڪ ۾ قومي اسيمبلي ۽ صوبن جي اسيمبلين جي خالي تڪن تي ٿيندڙ ننڍين چونڊن وارو عمل تيزي سان مڪمل ٿي رهيو آهي ۽ حيرت انگيز طور تي انهن چونڊن ۾ سموري ملڪ مان وزير اعظم عمران خان واري جماعت ۽ حڪومت جي اميدوارن کي وڏي پيماني تي شڪست ٿيڻ وارا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، سنڌ جي ٽن صوبائي اسيمبلي جي تڪن عمرڪوٽ،  سانگهڙ ۽ ڪراچي جي ملير واري ٽنهي تڪن تي سنڌ جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ بلوچستان جي پشين واري تڪ تان جميعت علماءَ اسلام جو اميدوار پڻ وڏي اڪثريت سان حڪومتي اتحاد کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿيو آهي. اهڙي ريت، گذريل ڏينهن پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي ٻن قومي اسيمبلي ۽ ٽن صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي ٿيل چونڊن ۾ وفاقي حڪمران جماعت ۽ سندن  اتحاد جا سمورا اميدوار پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ هٿان هارائي ويا آهن، جنهن سان حڪومت سخت پريشان، سمورو ملڪ حيران ۽ عوام ۾سرهائي ۽ موسم بهار جي گلابن واري وڻندڙ هٻڪار پکڙجي وئي آهي، ملڪ ۾ ننڍين چونڊن وارو عمل اڃا جاري آهي ۽ هن وقت تائين جي چونڊ نتيجن ۽ عوام جي ڏنل فيصلن جي رخ مان ائين ظاهر ٿيو آهي ته وزير اعظم عمران خان ۽ سندس اتحادين واري حڪومت جي ڪارڪردگي خلاف عوام جو سخت ردعمل عملي طور تي ووٽ ذريعي ۽ عوامي هلچل واري صورت ۾ سامهون اچي رهيو آهي. انهن چونڊن ۾ نه صرف حڪومتي اتحاد جي اميدوارن جون گهڻي ڀاڱي ضمانتون ضبط ٿي ويون آهن پر سرڪاري ڌر جي اڳوڻي مقبوليت پڻ پٽ پئجي وئي آهي.  حڪومت جي مقابلي لاءِ تحريڪ هلائيندڙ مخالف ڌر جي جماعتن جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سمورن اميدوارن جي وڏن ووٽن سان ڪاميابي يقينن غير معمولي نتيجا آهن. اها صورتحال يقينن حڪومت لاءِ سخت چتاءَ واري ۽ الارمنگ ثابت ٿي رهي آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ٿرپارڪر جي قومي اسيمبلي جي تڪ ۽ باقي رهيل تڪن تي پڻ چونڊون ٿيڻ واريون آهن، جنهن بعد ملڪ جي  هر ڪنڊ ۽ علائقي جي عوام جي راءِ ۽ فيصلا چٽي طرح منظرعام تي اچي ويندا. قومي اسيمبلي ۽ صوبن جي اسيمبلين جا نوان چونڊيل ميمبر جلد ئي پنهنجن عهدن جو قسم کڻندا ۽ اهي پڻ 3 مارچ 2021ع تي ٿيندڙ سينيٽ جي چونڊن ۾ ووٽ وجهندا، ملڪ ۾پيدا ٿيل نون نتيجن ۽ اڀري آيل وايو منڊل ۾ مخالف ڌر پي ڊي ايم واري ساهمي وارو پڙ وڌيڪ ڳرو ۽ وزني ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. ملڪ ۾انهن ننڍين چونڊن ۽ ان بعد سينيٽ آف پاڪستان جي اڌ ايوان جي ٿيندڙ چونڊ کي جمهوري عمل جي اڳڀرائي، جمهوريت جي سوڀ  ۽ عوام جي اختيارن جي بحالي جي هڪ صورت ۾ڏٺو  پيو وڃي، ملڪ تي حڪمران”مصنوعي تبديلي واري سرڪار“  جي گذريل ٽن سالن واري ڪارڪردگي ۽ ڪاررواين جو جائزو ضرور وٺڻ گهرجي. ان سموري عرصي ۾ حڪمرانن طرفان جنهن هڪ خاص مقصد ۽ نقطي تي زور رکيو ويو آهي اها ته، ملڪ جي سياسي  جماعتن سان دشمني، انهن جي لتاڙ ۽ کين ماري دفن ڪرڻ وارين ڪارروائين ۾ چستي ڏيکارڻ ۽ کين ديوار سان لڳائڻ لاءِ سموري طاقت جو استعمال ۽ ننهن چوٽي وارو زور ضرور لڳايو ويو آهي. يقينن، ان ڳالهه جي هاڻي پڪ ٿي وئي آهي ته حڪمرانن جي ڪرپشن خلاف مهم ۽ ملڪ ۾ انصاف قائم ڪرڻ واريون دعوائون صرف ڏيکاءَ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ وارا دوکا ۽ نعرا ئي هئا. ملڪ جي” پاور هائوس “طرفان  اقتداري ايوان ۾ آندل” اڻوڻندڙ تبديليءَ “ جو اصل مقصد سموري ملڪ کي آئين ۽ جمهوريت جو قبرستان بڻائڻ ئي معلوم ٿي رهيو آهي. افسوسناڪ صورتحال آهي ته سينيٽ جي چونڊن جي موقعي تي حڪومتي اسيمبلي ميمبرن جي ڏوهن واري 3 سال پراڻي شڪي فلم منظر عام تي آڻي هڪ دفن ٿيل مئل گهوڙي کي وري گهلي کڻي اچڻ سان ملڪ جي سموري سياست کي ئي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. لازمي هو ته، حڪومت طرفان ملڪ ۾ پيدا ٿيل گندگي کي ان وقت ئي صاف ڪري ڇڏڻ کپندو هو پر افسوس ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سزائون ڏيارڻ بدران انهن کي پاليو ويو ۽ انهن مان هڪ جوابدار کي خيبرپختونخواهه حڪومت جو قانون وارو وزير بنائڻ وارا وڌيڪ ڏوهه پڻ ڪيا ويا. حڪمرانن طرفان پنهنجن انهن گناهن جي عوام کان معافي وٺڻ بدران حڪومت طرفان پنهنجي خاص مقصد تحت انهن گناهن جي فلم سينيٽ جي چونڊن جي موقعي تي ملڪ ۽ عالمي ميڊيا جي ٽي وي چئنلن، سوشل ميڊيا ۽ اخبارن کي جاري ڪئي وئي، جنهن سان سينيٽ جي چونڊن ۽ ملڪ ۾ٿيندڙ ننڍين چونڊن کي متاثر ڪرڻ وارو بدنما ڪم پڻ ڪيو ويو، حڪمرانن طرفان ملڪ جي جمهوري سرشتي تي ٿيندڙ ان لاٺي چارج دوران جيڪو هڪ ٻيو ڪم به تيزي سان اڪلايو پيو وڃي اهو آهي ملڪ جي آئين جي لتاڙ ۽ صوبائي خودمختياري جو خاتمو ڪرڻ ۽ صوبن کي ميساري ملڪ ۾ مرڪزي حڪومت قائم ڪرڻ واريون ڪارروايون، ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته ملڪ ۾وري ون يونٽ  وارو ڪو نئون آمراڻو نظام قائم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي تيزي ۽ مهارت سان سرگرميون جاري آهن. بيشڪ! ملڪ جي آئين ۽ سموري جمهوري نظام کي بدنام ڪرڻ واري مهم شروع ٿيڻ ڪا معمولي راند نه آهي پر ان کان سواءِ ملڪ جي سموري پارليامينٽ ۽ سمورن اسيمبلي ميمبرن کي سپريم ڪورٽ ۾ ڏوهاري بڻائي پيش ڪرڻ ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن جي توهين ۽ ملڪ کي بدنام ڪري جهڙي ريت تماشا لڳايا ويا آهن، اهي سموري دنيا ۾ پڻ ملڪ لاءِ تمام گهڻو هاڃيڪار ٿي رهيا آهن، حڪمرانن طرفان پنهنجا معمولي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ جي آئين جي لتاڙ ڪرڻ ۽ پارليامينٽ جي توهين ۽ اسيمبلي ميمبرن کي ملڪ ۽ معاشري ۾ ڏوهاري بڻائي پيش ڪرڻ وارا افسوسناڪ ڪم پنهنجو حق سمجهي ڪيا پيا وڃن. ملڪ جي پارليامينٽ ۽ صوبن جي اسيمبلين جي ميمبرن جي ڳجهي ووٽ جي حق ۽ ضمير مطابق بهتر سينيٽر چونڊڻ واري آئيني حق جي پڻ رستا روڪ ڪرڻ  لاءِ سمورا اڻوڻندڙ قدم ڏاڍائي سان کنيا ويا آهن، اسيمبلين جي معزز ميمبرن کي ڪرپٽ ۽ ڏوهاري قرار ڏيڻ ۽ بنا ڪنهن ثبوت ۽ ثابتي جي بدنام ڪرڻ ۽ ڪرپٽ قرار ڏيڻ، عزت وارن تي تهمتون هڻڻ، انهن خلاف ڪيس، انتقامي ڪارروايون ۽ انهن جون گرفتاريون ڪرڻ سان پڻ سموري ملڪ ۾ سخت تڪليف ۽ پريشاني محسوس ڪئي پئي وڃي. سرهائي واري ڳالهه آهي ته ملڪ ۾ بهار واري موسم جي شروع ٿيڻ سان ٿيل ننڍين چونڊن جي آيل نتيجن بعد موسم وڌيڪ خوشگوار ٿي وئي آهي، هاڻي اميد ڪري سگهجي ٿي ته عوام کي ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني ۽ جمهوري سرشتو پنهنجي اصل روح موجب بحال ٿيڻ ۽ ڪاميابيون ملهائڻ وارا موقعا جلد ضرور ملندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو