ايڊيٽوريل
اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، گڏيل قومن طرفان 2000ع ۾ 21 فيبروري کي مادري ٻولين جو عالمي ڏهاڙو ڪري ملهائڻ جي منظوري ڏني، نا حوالي سان گڏيل قومن جي ذيلي اداري يونيسڪو 1999ع ۾ جنرل ڪانفرنس ۾ هڪ ٺهراءَ پيش ڪيو هو، جنهن ۾ 21 فيبروري کي دنيا ۾ ٻولين جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو ۽ ان کي منظور پڻ ڪيو ويو هو پر مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن 2000ع کان باقاعده طور ملهايو پيو وڃي، ان حوالي سان گڏيل قومن هلندڙ سال عالمي ڏينهن جو موضوع ”معاشري ۾ گهڻ زبانن جي بنيادي تعليم کي واڌ ڏيڻ“ رکيو آهي، هي هڪ انتهائي اهم موضوع آهي، جنهن ذريعي سڄي دنيا کي ٻڌايو ويندو ته سڄي دنيا اندر ماڻهن کي پنهنجي ماءُ ٻولي ۾ تعليم ڏني وڃي ته جيئن دنيا جون گهڻيون ٻوليون گهڻي عرصي تائين زندهه رهي سگهن ۽ لسانياتي گوناگونيت يا لنگوئسٽڪ ڊائورسٽي به ترقي ڪري سگهي، پاڪستان جي قيام کان وٺي ملڪ ۾ ٻولين جي حقن جي حوالي سان اهم معاملا سامهون آيا، جيڪي اڃا تائين حل طلب آهن، انهن ۾ سڀ کان اهم مسئلو ملڪ جي قديم ۽ صوبن جي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ آهي، جيڪو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اهميت اختيار ڪري ويو آهي، ان حوالي سان گذريل 10، 12 سالن کان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان نه صرف سنڌي پر ٻين ٻولين جو ڪيس به اٿاريو ويو، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرلن يوسف سنڌي ۽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي دورن ۾ ٻولي مهم نئين سري سان جياري وئي ۽ ان حوالي سان ڊرافٽ تيار ڪري قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو، بدقسمتي سان ٻه ڀيرا اهڙو ڊرافٽ اسٽينڊنگ ڪاميٽي مان منظور نه ڪيو ويو، ڏٺو وڃي ته سنڌي ننڍي کنڊ جي انتهائي قديم ۽ شاهوڪار ٻولي آهي ۽ ان جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو ان مان به هڻي سگهجي ٿو ته جڏهن انگريزن ننڍي کنڊ تي قبضو ڪيو ته انهن به سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ افاديت کي نظرانداز نه ڪيو ۽ انهن هڪ قانون رائج ڪري سنڌ ايندڙ انگريز آفيسرن لاءِ سنڌي ٻولي لازمي قرار ڏني ۽ اهو ٺهراءَ منظور ڪيو ته هر آفيسر کي سنڌي ٻولي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ضرور اچڻ گهرجي، ان دور ۾ به سنڌ جي دفتري زبان سنڌي رائج ڪئي وئي، نه صرف ايترو پر پاڪستان جي قيام کانپوءِ 1973ع جي متفقه آئين ۾ به ٻولين جي اهميت برقرار رکيو ويو ۽ صوبن اندر صوبن جي ٻولين کي قومي ۽ دفتري ٻولي جو حق ڏنو ويو، پر بدقسمتي سان آئين جي ڏنل ان حق تي هن وقت تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي، جيتوڻيڪ سنڌ اسيمبلي سنڌ اندر سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي بڻائڻ جو ٺهراءُ پڻ منظور ڪري چڪي آهي، اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان گهڻ قوميتي ملڪ آهي ۽ ان ۾ هر قوم جي پنهنجي تهذيب، تاريخ، تمدن ۽ قديم ٻوليون آهن، جن جي اهميت کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ۽ دنيا اندر هن وقت ان ڳالهه تي زور ڏنو پيو وڃي ته ٻار کي پنهنجي ماءُ ٻولي ۾ تعليم ڏني وڃي، ان ڪري اهو ضروري آهي ته سنڌي سميت پاڪستان جي ٻين ٻولين کي جائز حق ۽ اهميت ڏني وڃي، سنڌي ٻولي کي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ به قومي ٻولي جو درجو مليل آهي پر افسوس ته پنهنجي ديس ۾ ان ٻوليءَ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، اسان هتي گهر ٿا ڪريون ته پاڪستان اندر قديم ٻولين کي آئين تحت ڏنل حق ڏنا وڃن، اسان صوبائي حڪومت کان به گهر ٿا ڪريون ته صوبي اندر وڏن شهرن جي اسڪولن مان ختم ٿيندڙ سنڌي ٻولي طرف ڌيان ڏيندي اهڙن اسڪولن کي پابند بڻايو وڃي ته اهي سنڌي ۾ تعليم ڏين ۽ گڏوگڏ ٻولي جي ترقي لاءِ موجود ادارن کي فعال ڪري نوان ادارا به کوليا وڃن، جيئن پنهنجي ٻولي وڌي ۽ ويجهي سگهي.