197

پي ٽي آءِ جو وفد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪز تي پهتو، سينيٽ چونڊن بابت غور ويچار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 3 مارچ تي ٿيندڙ سينيٽ چونڊن بابت حڪمت عملي جوڙڻ جي سلسلي ۾ پي ٽي آءِ جو وفد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن سان ملاقات لاءِ سندن مرڪز پهتو، جتي اڳواڻن وچ ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. سينيٽ چونڊن ۾ اتحادين کان سهڪار وٺڻ لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جو وفد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪز پهتو، جتي خالد مقبول صديقي، عامر خان ۽ فيصل سبزواري سميت ٻين ايم ڪيو ايم اڳواڻن سندن استقبال ڪيو. ذريعن مطابق پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻن وچ ۾ سينيٽ چونڊن جي حوالي سان مختلف آپشنز تي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ هو ته گڏيل هدف جي حوالي سان اڳڀرائي ٿي آهي، اڳيان به بهتري ايندي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ فيصل سبزواري جو چوڻ هو ته مردم شماري جي حوالي سان خدشا آهن، ان تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، وفاقي حڪومت کان مطالبو آهي ته ڪراچي کي ماس ٽرانزٽ سميت ٻيا منصوبا ڏنا وڃن. ناڻي واري وزير عبدالحفيظ شيخ جو چوڻ هو ته سينيٽ چونڊن ۾ تمام گهڻي دلچسپي ورتي پئي وڃي، هن چونڊ تي ماڻهن جون نظرون آهن. هن چيو ته هي ٻن اتحادي پارٽين وچ ۾ چونڊ آهي، هڪ حڪومت جي ۽ ٻي مخالف ڌر جي پارٽي جي، اسان جي ڪوشش آهي ته چونڊ شفاف نموني سان ٿئي، ڪوشش آهي ته ڏي وٺ ختم ٿئي ۽ ڪير به ڪنهن کي گاريون نه ڏئي. هن چيو ته معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ سخت فيصلا ڪيا ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو