291

سعودي حڪومت عورتن کي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت پاران عورتن کي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سعودي دفاع واري وزارت مطابق فوج ۾ اچڻ واريون خواهشمند عورتون پنهنجون درخواستون آن لائن پورٽل ذريعي ڏئي سگهنديون. سعودي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ هو ته عورتون سعودي آرمي، ايئرفورس، نيوي ۽ ٻين ادارن ۾ ڀرتي لاءِ درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿيون. بچاءَ واري وزارت مطابق عورتن جي عمر 21 کان 40 سال ۽ قد 155 سينٽي ميٽر يا وڌيڪ هجڻ ضروري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو