220

ٿرپارڪر جي قومي تڪ تي پ پ اميدوار امير علي شاهه هڪ لک 12 سئو کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب،پي ٽي آءِ هارائي وئي

مٺي (رپورٽ: ساحل ٻالاڻي) ٿرپارڪر جي قومي تڪ تي پيپلزپارٽي ميدان ماري فتح حاصل ڪري ورتي آهي،  تحريڪ انصاف کي ٿر ۾ به شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، ڇاڇرو ۽ ننگر پارڪر جي اين اي 221 تي چونڊن جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا جاري ٿي ويا آهن، جن موجب پ پ جو امير علي شاهه هڪ لک 1296 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اميدوار نظام الدين راهمون 48 هزار 502 ووٽ کڻي سگهيو، پولنگ عمل صبح 9 کان شام 5 تائين بنا وقفي جاري رهيو، ڪجهه پولنگن تي ڇڪتاڻ سبب ڪجهه دير پولنگ معطل رکڻ بعد ٻيهر پولنگ عمل شروع ڪيو ويو، ڇڪتاڻ واري صورتحال بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف اليڪشن ڪمشنر راجا سڪندر سان رابطو ڪري مڪمل سهڪار جو يقين ڏيارو، وڏي وزير چيو آهي ته انتظاميه اليڪشن عمل ۾ سهڪار ڪيو، ٻئي طرف چيف اليڪشن ڪمشنر راجا سڪندر چيو اهي ته ٿرپارڪر ننڍي چونڊ شفاف بڻائڻ لاءِ ممڪن قدم کنيا، پي ٽي آءِ اميدوار نظام راهمون جا الزام بي بنياد آهن.ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري اين اي 221 تي ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي تي ٿر جي عوام کي وڌايون ڏنيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو