169

پئسي ۽ ڌمڪي واري سياست جو دور پورو ٿيڻ وارو آهي،سينيٽ ۾ مخالفن کي شڪست ڏينداسين:وفاق

ڊسڪا (م ڊ) حڪومتي وزيرن چيو آهي ته پئسي ۽ ڌمڪي واري سياست جو خاتمو  ٿيندو،سڀ گڏ ٿيا آهن،عمران خان انهن خلاف اڪيلو بيٺل آهي، جعلي راجڪماري ضمني چونڊن کي جنگ جو نالو ڏنو،اها خواهش آهي ته مريم نواز ڪڏهن سچ به ڳالهائي، ڊسڪه ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته (ن) ليگ غنڊه گردي  ۽ قتل و غارت جي سياست ڪندي آئي آهي،ماڊل ٽائون ۾عورتن ۽ ٻارڙن تي گوليون وسايون هيون، ماڊل ٽائون سانحي جو مرڪزي ڪردار راڻا ثناءُالله هو،ضمني چونڊن ۾ هن ماڻهن کي حراسان ڪيو،2018ع ۾40 هزار برتري سان کٽيندڙ ضمني چونڊن ۾ هارائي ويو، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته قاتل کي اسٽيج تي بيهاري شهيدن جي  وارثن کي تڪليف ڏني وئي،(ن) ليگ هميشه منشيات وڪرو ڪندڙن ۽ قبضا گروپن جي سرپرستي ڪئي آهي، جڏهن ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته مريم  نواز چوندي هئي ته ان جي لنڊن ته ڇا پر پاڪستان ۾ به ڪا ملڪيت ناهي،منهنجي خواهش آهي ته هو ڪڏهن سچ به ڳالهائي، اليڪشن ڪميشن جي حڪم کي اسان مڃينداسين،چونڊن ۾پنجاب حڪومت بلڪل غيرجانبدار رهي آهي،علي امجد واضح  طور تي کٽي چڪو آهي، اسان چاهيون ٿا ته ووٽنگ کي اليڪٽرانڪ ڪيو وڃي ته جيئن ووٽ جو پتو پوي،اسان ان  سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو