133

پاڪستان مخالف پروپئگنڊا جو وڏي حد تائين خاتمو ڪري چڪا آهيون:ترجمان پاڪ فوج

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته طاقت جو استعمال صرف رياست جو اختيار آهي، آپريشن رد الفساد جا 4 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آپريشن 22 فيبروري 2017ع تي شروع ڪيو ويو هو، آپريشن جو مقصد دهشتگردن کي مڪلم طور غير موثر ۽ عوام جو رياست مٿان اعتماد بحال ڪرڻ هو. هن چيو ته پاڪستان مخالف پروپئگنڊا جو وڏي حد تائين خاتمو ڪري چڪا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو