222

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا ختم نه ٿيا، وڌيڪ 41 ڄڻا فوت، 1050 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا ختم نه ٿيا، وائرس سبب وڌيڪ 41 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 1050 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 50 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا ۽  41 ماڻهو فوت ٿيا جنهن مان 38 ماڻهو اسپتالن جڏهن ته 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 27 سيڪڙو، لاهور ۾ 39 سيڪڙو، پشاور 24 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 33 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 35 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 22 سيڪڙو، گجرات ۾ 61 سيڪڙو  ۽  لاهور ۾ 24 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 33 هزار 978 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 869، پنجاب ۾ 12 هزار 157، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 985، اسلام آباد ۾ 4 هزار 580، بلوچستان ۾ 376، گلگت بلتستان ۾ 430، آزاد ڪشمير ۾ 581 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 36 هزار 243 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 250 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 24 هزار 483 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 73 هزار 384 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 878، بلوچستان ۾ 18 هزار 993، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 951، اسلام آباد ۾ 43 هزار 623، خيبرپختونخواهه ۾ 71 هزار 146، پنجاب ۾ 1 لک 68 هزار 348 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 56 هزار 445 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 12 هزار 658 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 293 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. پنجاب ۾ 5 هزار 237 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 27 مريض اسپتالن ۾ ۽ 2 مريض گهر ۾ قرنطينه دورن ان وائرس سبب فوت ٿيa. خيبرپختونخواهه ۾ 2 هزار 43 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 493 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ 199 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 291 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 87 لک 52 هزار 533 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 69 مريض علاج هيٺ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو