اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جنوري ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون تي پنهنجي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. نيپرا چيئرمين 9 جنوري تي سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو هو ۽ ڊي جي انفورسمينٽ اينڊ مانيٽرنگ جي سربراهي ۾ 3 رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن ۾ 2 ميمبر خانگي شعبن مان کنيا ويا هئا. ان حوالي سان نيپرا جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جنوري ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون گڊو پاور پلانٽ ۾ خرابي سبب پيش آيو ۽ اهو فالٽ گڊو پاور پلانٽ ۾ 220 ڪي وي جي سرڪٽ بريڪرز کي بند ڪرڻ دوران ٿيو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گڊو پاور پلانٽ ۾ ٿيندڙ فالٽ 220 ۽ 500 ڪي وي جي ترسيلي نظام تائين پکڙجي ويو. نيپرا پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته اين پي سي جي اجازت کانسواءِ سرڪٽ بريڪر آپريٽ ڪيو ويو، جنهنڪري ملڪ ۾ بليڪ آئوٽ جو ذميوار گڊو پاور پلانٽ جو اسٽاف آهي.
