224

ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسيئيشن اڳواڻن ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ڪم ڪندڙ فيڪلٽي کي رسڪ الائونس ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسيئيشن سنڌ جي اڳواڻن سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ڪم ڪندڙ ڪلينڪ فيڪلٽي کي ڪورونا رسڪ الائونس نه ملڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي کين جلد رسڪ الائونس جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسيئيشن سنڌ جي چيئرمين ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو، صدر ڊاڪٽر عبدالحميد راڌڻ، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور، ترجمان ڊاڪٽر ايشور ڪمار ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۽ پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه ۽ انھن سان لاڳاپيل ميڊيڪل ڪاليجن ۾ ڪم ڪندڙ ڪلينڪ فيڪلٽي کي ڪورونا رسڪ الائونس نه ڏنو پيو وڃي، جيڪو انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هنن چيو ته شروع کان وٺي يونيورسٽين جي اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ  فيڪلٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليجن جي اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ فيڪلٽي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ کين ڪو به ڪورونا رسڪ الائونس نه پيو ڏنو وڃي، جڏھن ته اھي  صحت واري کاتي جي جنرل ڪيڊر ۽ اسپيشلسٽ ڊاڪٽرس سان گڏ پنھنجيون جانيون خطري ۾ وجھي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.هنن چيو ته سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا ذريعي سنڌ سرڪار جي اعليٰ آفيسرن کي ڪيترائي ڀيرا ياد ڏيارڻ باوجود يونيورسٽين جي ڪلينڪ فيڪلٽيز کي ڪورونا رسڪ الائونس نه پيو ڏنو وڃي ۽ کين نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ ادارن جي ڪلينيڪل فيڪلٽي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿئي. هنن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسيئيشن، سنڌ حڪومت ۽ حڪومت جي سينيئرن عملدارن کي ياد ٿي ڏياري ته ھي مسئلو  سنجيدگي سان حل ڪيو وڃي ته جيئن ادارن ۾ ڪنھن اڻبڻت کان بچي سگھجي ۽ فيڪلٽي احتجاج وارو رستو اختيار ڪرڻ کان پاسيري رهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو