ليکڪ: دانش نبي بخش شر
عالم اسلام جو نائون رهنما حضرت امام محمد تقي عه 10 رجب المرجب195هجريءَ ۾ پيدا ٿيو، سندن نالو ”محمد“، ڪنيت ”ابو جعفر“ ۽ مشهور لقب ”تقي“ ۽ ”جواد“ آهن. سندن والد جو نالو حضرت امام رضا عه ۽ امڙ جو نالو سبيڪه آهي، جنهن کي امام رضا عه ”خيزران“ سڏيندو هو، هيءَ بي بي سڳوري حضرت رسول خدا صه جي گهرواري ماريه قبطيه جي خاندان مان هئي، بي بي خيزران سان امام رضا جي شادي کان ڪيئي سال اڳ ستون امام موسيٰ بن جعفر عه سندس خصوصيتون بيان ڪيون هيون ۽ پنهنجي هڪ صحابي يزيد بن سليط معرفت ڏانهنس سلام موڪليا هئا. حضرت امام رضا عه جي ڀيڻ بي بي حڪيمه خاتون جو چوڻ آهي ته امام محمد تقي عه جي ولادت جي ويجهو مون کي پنهنجي ڀاءُ امام رضا عه خيزران وٽ رهڻ جو چيو، ان ڪري جو سندس پيٽ مان امام محمد تقي عه جي ولادت ٿيڻي هئي. ٽئين ڏينهن تي امام تقي عه جن ڄاوا، مون ڏٺو ته ننڍڙي ڄمڻ سان ئي آسمان طرف ڏسي پڙهيو ته ” آئون شاهدي ٿو ڏيان ته الله کانسواءِ ڪو به معبو ناهي ۽ اها به شاهدي ٿو ڏيان ته محمد صه الله جو رسول آهي“ اهو منظر ڏسي پريشان ٿي ويس ۽ پنهنجي ڀاءُ کي آگاهه ڪيم، تنهن تي پاڻ فرمايائون ته ان مان جيڪا تعجب واري شيءِ تو اڄ مشاهدو ڪئي آهي ايندڙ وقت ۾ سندس وجود مان ان کان به گهڻيون ظاهر ٿينديون.ابو يحيٰ صنعاني جو چوڻ آهي ته هڪ ڀيري آئون امام رضا عه جي خدمت ۾ ويٺو هئس ان دوران امام محمد تقي عه کي امام جي حضور ۾ کڻي آيا، تڏهن اڃا ننڍڙو هو، پاڻ کيس ڏسندي ارشاد ڪيائون ته اسان جي محبن لاءِ هي ننڍڙو نهايت ئي بابرڪت ۽ عظيم مرتبي وارو آهي، نوفلي جو چوڻ آهي ته امام رضا عه جڏهن خراسان جي سفر تي وڃي رهيو هو ان وقت سندن ديدار ٿيو، کين عرض ڪيم ته توهان جو مون لاءِ ڪو حڪم هجي ته فرمايو، تنهن تي امام عه فرمايو ته توتي فرض آهي ته مون کانپوءِ منهنجي پٽ محمد تقي عه جي پيروي ڪجان، امام رضا عه جي منشي محمد بن ابي عباد جو چوڻ آهي ته حضرت امام رضا عه کي اهو چوندي ٻڌم ته مون کانپوءِ منهنجو جان نشين ابو جعفر (محمد تقي عه) ٿيندو، امام محمد تقي عه 8 يا 9 سالن جي عمر ۾ امامت جون واڳون سنڀاليون.امام محمد تقي عه جا شاگرد پڻ پنهنجي وقت جا مشهور بزرگ رهيا، جن ۾ علي بن مهزيار انتهائي پرهيزگار هو، هو اهواز علائقي جو رهواسي هو ۽ لڳ ڀڳ 30 ڪتاب لکائين، احمد بن محمد بن ابي نصر بزنطي امام رضا عه امام محمد تقي عه جي صحابين مان هو، ۽ انهن ٻنهي امام سڳورن وٽ وڏي عزت ڪمايائين ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن مان الجامع نالي ڪتاب مشهور آهي، ذڪريا بن آدم قم جو رهواسي هو، جتي اڄ به سندس مزار موجود آهي، اهو پڻ حضرت امام رضا عه ۽ امام محمد تقي عه جي صحابين مان هو، هڪ ڀيري ڪنهن شخص امام رضا عه کان پڇيو ته اوهان پري آهيو، شرعي مسئلا ڪنهن کان پڇون، جنهن تي پاڻ فرمايائون ته ذڪريا بن آدم کان اهو دين ۽ دنيا جي مسئلن ۾ اسان جو امين آهي،
ولادت باسعادت حضرت علي اصغر عه: ڪربلا جي داستان جو جڏهن به مطالعو ڪبو ته ان ۾ امام حسين عه جي نالي سان سندن معصوم پٽ جو نالو به گڏ نظر ايندو، جيڪو پنهنجي صغر سني باوجود ڪربلا جي نامور ۽ حقيقي جان نثارن ۾ شامل آهي، هن ابهم ٻارڙي جهاد بالسيف نه ڪيو، تنهن هوندي به پنهنجي معصوم خون سان سفاڪ ترين حاڪم جي پيشاني تي اڻمٽ داغ مڙهي ڇڏيو، امام حسين عه جي هن فرزند جي ولادت 9 رجب المرجب تي مدينه منوره ۾ ٿي، ڪربلا جي تاريخ ۾ حضرت علي اصغر عه جو نالو واضح ملي ٿو، امام عه جي هن معصوم ٻچڙي جي شهادت در حقيقت امام عه جي مظلوميت جي هڪ مضبوط سند آهي، انسانيت جي تاريخ اڄ ڏينهن تائين هن ننڍڙي شهيد جي معصوميت باوجود ڪو ايڏو عظيم شهيد شايد نه ڏٺو هجي، هن معصوم 6 مهين جي لعل جي شهادت، ٽن ڏينهن جي بک ۽ اڃ بعد ڪربلا جي ميدان ۾ امام حسين عه جي هٿن مبارڪن تي حرمله جي تير سان 10 محرم الحرام سنه 61 هجريءَ ۾ ٿي، جنهن جو ظالمن سر قلم ڪري ٻين شهيدن جي سرن سان گڏ نيزي تي سوار ڪري ڪربلا کان ڪوفي ۽ ڪوفي کان شام تائين ڦيرايو.