223

وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سريلنڪا پهچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پنهنجي سريلنڪن هم منصب مهندا راجا پاڪسي جي دعوت تي سريلنڪا پهچي ويو آهي. وزيراعظم جو سريلنڪا جو اهو دورو ٻن ڏينهن جو هوندو. وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ خاص صلاحڪار ذلفي بخاري به سريلنڪا ويا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جو سريلنڪا جو اهو پهريون دورو آهي. وزيراعظم دوري دوران سريلنڪا جي صدر ۽ پنهنجي هم منصب سان ملاقاتون ڪندو جڏهن ته دوري دوران اعليٰ سطح جي ملاقاتن ۾ واپار، سيڙپڪاري، صحت، تعليم، زراعت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون به ٿينديون. وزيراعظم جوائنٽ ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪندو. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ 1948ع کان دوستي جو مضبوط تعلق قائم آهي. وزيراعظم عمران خان جو اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ تعاون جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو