ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار اظفر رحمان تازو ئي مي ٽو مهم بابت ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته کيس ماضي ۾ ڪيترين ئي عورت فنڪارن پاران حراسان ڪيو ويو پر هو سندن نالا وٺڻ پسند نه ڪندو. اداڪار ناشپاتي پرائم جي شو باءِ دي وي ۾ مهمان طور پيش ٿيو، جنهن دوران بيگم نوازش کانئس مي ٽو مهم بابت سوال ڪيو. اداڪار اظفر رحمان جو چوڻ هو ته مي ٽو هڪ سنجيده معاملو آهي، توهان ڪنهن سان به پنهنجي لاءِ زبردستي نٿا ڪري سگهو. اظفر رحمان جو چوڻ هو ته هو مي ٽو مهم جي مڪمل طور حمايت ڪري ٿو. هن انڪشاف ڪيو ته ماضي ۾ کيس ڪيترين ئي ڳائڻين پاران حراسان ڪيو ويو پر هو سندن نالا وٺڻ پسند نه ڪندو. هن چيو ته هو جنون جي حد تائين بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند هو، ٻه کان ٽي ڀيرا بالي ووڊ ڪاسٽنگ ايجنٽ پاران آڇون به مليون ۽ هن آڊيشن ٺاهي اماڻيا پر اهي رجيڪٽ ڪيا ويا.
