239

فلسطيني شهري کي اسرائيلي فوجي عدالت 26 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

رملا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي هڪ فوجي عدالت گرفتار 21 ورهين جي فلسطيني نوجوان محمود رمضان الحلبي کي اسرائيل مخالف سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ڏوهه ۾ 26 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. فلسطيني ذريعن مطابق اسرائيلي فوجي عدالت محمود رمضان کي ڏيڍ لک شيڪل ڏنڊ ۽ 10 هزار شيڪل هرجاڻي جي طور تي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ياد رهي ته رمضان الحلبي کي اسرائيلي فوج 2018ع ۾ حراست ۾ ورتو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو