235

عوام جو پئسو پنهنجي ذاتي انا واري ويڙهه ۾ وڃائيندڙن جو احتساب باقي آهي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ مريم نواز جو چوڻ آهي ته عوام جو پئسو پنهنجي ذاتي انا واري ويڙهه ۾ وڃائيندڙن جو احتساب باقي آهي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته نواز شريف جي دشمنن کي ٻيهر ذليل آميز شڪست ٿي، ڪرپشن پڪڙڻ ويا هئا پر 45 لک ڏئي جان ڇڏائي آيا، نواز شريف چيو هو ته مان پنهنجو معاملو الله تي ڇڏيان ٿو ۽ الله پنهنجي ٻانهن جي پاڻ حفاظت ڪندو آهي، عمران خان ۽ سندس ساٿين کي به ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو جيڪو ملڪي خزاني مان نه پر سندن ذاتي کيسن مان ڪڍرايو ويندو. مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته براڊ شيٽ ته پنهنجي ڪوڙن الزامن تي عدالت ۾ عزت وڃائي ويٺي آهي، پر هاڻي انهن ماڻهن جو احتساب رهيل آهي جيڪي پاڪستاني عوام جو پئسو ذاتي انا واري ويڙهه ۾ وڃائيندا رهيا، جيڪي لڪي لڪي براڊ شيٽ وارن کي ملندا هئا ۽ پنهنجو حصو گهرندا هئا، جڏهن ته هاڻي سموريون حقيقتون عوام آڏو پڌريون ٿي ويون آهن. مريم نواز چيو ته براڊ شيٽ کي لنڊن فليٽن بابت سوال اٿارڻ ۽ پوءِ عدالت مان ڀڄي وڃڻ تي نواز شريف جي وڪيلن کي 45 لک رپيا ادا ڪرڻا پيا، ڪوڙي ۽ ٺڳي واري راند ۾ هن جيان وٺڻ جيان ڏيڻو پئجي ويندو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو