ڪوٽ لالو(ن سوڀ) ڪوٽ لالو ڀرسان ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 70 ورهين جو پيرسن چيڀاٽجي فوت ٿي ويو آهي. رپورٽن مطابق جلالجي ويجھو مھراڻ ھاءِ وي تي تيز رفتار ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 70 ورهين جو پيرسن فوت ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي فوتي جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي فوتي شخص جي سڃاڻپ محمد علي جوڻيجو طور ٿي آهي، جيڪو ڀهنگوبهڻ جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي.
