233

سينيٽ چونڊن ۾ اوپن بيلٽ سان جمهوريت ڪمزور نه پر مضبوط ٿيندي: چوڌري سرور

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ اوپن بيلٽ سان جمهوريت ڪمزور نه پر مضبوط ٿيندي، مخالف ڌُر اوپن بيلٽ جي مخالفت ڪري جمهوريت جو انڪار ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ ڪي مڊٽرم يا شارٽ ٽرم چونڊون نه ٿينديون. گورنر هائوس لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي مختلف وفدن سان ملاقات دوران گورنر چيو ته اليڪشن 2023ع ۾ ٿيندي، مخالف ڌُر کي لانگ مارچ ڪرڻ بدران اليڪشن جو انتظار ڪرڻ گهرجي. عام ماڻهوءَ کي صحت ۽ تعليم جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سڀ وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. عوام سان ڪيل وعدن کي پورو ڪنداسين، هن چيو ته هارس ٽريڊنگ کان پاڪ شفاف سينيٽ چونڊن سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿيندي. ان لاءِ اپوزيشن پارٽين کي به گهرجي ته هو ضد ڇڏي سينيٽ چونڊن ۾ اوپن بيلٽ جي فيصلي جي حمايت ڪن نه ته هارس ٽريڊنگ جي بيماري کان نجات حاصل ڪرڻ ممڪن نه هوندو. هن چيو ته هارس ٽريڊنگ هڪ بدترين ڪرپشن آهي، جنهن کي ختم ڪري جمهوريت کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو قوم سان واعدو آهي ته هو ڪرپشن کي پاڙ کان ختم ڪندو، ڇاڪاڻ ته ڪوبه معاشرو ڪرپشن جي خاتمي ۽ شفافيت کان سواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام جي طاقت سان پنهنجو آئيني مُدو پورو ڪندي ۽ ايندڙ عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو