لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چونڊن ۾ پي ڊي ايم جي گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني ن ليگ اڳواڻ شهباز شريف سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ سينيٽ چونڊن ۽ اين اي 75 تڪ تي ننڍي چونڊ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رپورٽن مطابق لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيشي دوران شهباز شريف سان يوسف رضا گيلاني ملاقات ڪئي آهي، ان موقعي تي ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز، اياز صادق ۽ مريم اورنگزيب پڻ موجود هئا. ملاقات دوران سينيٽ چونڊن ۽ تڪ اين اي 75 تي ننڍي چونڊ بابت ڳالهيون ڪيون ويون. يوسف رضا گيلاني شهباز شريف کي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو پيغام پهچايو. يوسف رضا گيلاني شهباز شريف کي سينيٽ چونڊن جي حڪمت عملي کان پڻ آگاهه ڪيو. شهباز شريف سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته پارليامينٽ ئي سپريم ادارو آهي، اسان عوام جي ڳالهه ڪريون ٿا، اسان پارليامينٽ کي عزت ڏني ۽ ان جي بالادستي لاءِ ڪم ڪيو، جڏهن مان وزيراعظم هئس ته ڪڏهن مخالف ڌر سان تڪرار جي ضرورت ئي نه پئي. هن چيو ته سياست ۾ گهٽ وڌائي ٿيندي رهندي آهي، اسان کي ماضي وساري اڳتي وڌڻ گهرجي، اسان چارٽر آف ڊيموڪريسي تي عمل ڪيو ۽ اسان ٻيهر گڏ ٿيا آهيون، پي ڊي ايم هڪ حقيقت آهي، پي ڊي ايم جي ڪاميابي جمهوريت جي ڪاميابي هوندي.
164