241

ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري، وڌيڪ 50 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 1196 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري آهن، وائرس سبب وڌيڪ 50 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 1196 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 196 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا ۽  50 ماڻهو فوت ٿيا جنهن مان 44 ماڻهو اسپتالن جڏهن ته 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 27 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو، پشاور 21 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 33 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 35 سيڪڙو، ميرپور 23 سيڪڙو،  گجرات ۾ 61 سيڪڙو  ۽  لاهور ۾ 25 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 38 هزار 453 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 77، پنجاب ۾ 16 هزار 100، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 142، اسلام آباد ۾ 4 هزار 705، بلوچستان ۾ 350، گلگت بلتستان ۾ 423، آزاد ڪشمير ۾ 656 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 38 هزار 207 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 241 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 23 هزار 665 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 74 هزار 580 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 995، بلوچستان ۾ 19 هزار 400، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 954، اسلام آباد ۾ 43 هزار 753، خيبرپختونخواهه ۾ 71 هزار 282، پنجاب ۾ 1 لک 68 هزار 891 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 56 هزار 741 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 12 هزار 708 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 301 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 5 هزار 269 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 مريض اسپتالن ۾ ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دورن ان وائرس سبب فوت ٿيو. خيبرپختونخواهه ۾ 2 هزار 50 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو، اسلام آباد ۾ ڪل 494 فوتگيون ٿيون. گذري 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض گهر ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. بلوچستان ۾ 199 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 293 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 87 لک 90 هزار 986 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 84 مريض علاج هيٺ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو