اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن اين اي 75 ڊسڪا تي ننڍي چونڊ ۾ چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري تي 30 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل چالان مطابق ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري اين اي 75 تي ننڍي چونڊ دوران چونڊ مهم ۾ حصو ورتو هو، جڏهن ته هو 11 فيبروري تي ڊسڪا آيو هو.
185