اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن نااهلي ڪيس ۾ فيصل واوڊا جي مسلسل پيش نه ٿيڻ تي چيو آهي ته هو جنهن پارليامينٽ جو ميمبر آهي ان کي عزت ڏئي. اليڪشن ڪميشن ۾ فيصل واوڊا نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته روايت جيان هو پيش نه ٿيو، ان جي وڪيل کيس طلب ڪرڻ وارو حڪم واپس وٺڻ جي اپيل ڪندي گذريل ٻڌڻي تي عدم پيشي تي اليڪشن ڪميشن پاران لاڳو 50 هزار ڏنڊ تي به اعتراض اٿاريو. وڪيل چيو ته درخواستون ٻڌڻ جوڳيون نه هجڻ بابت تفصيلي دليل ڏنا آهن، پهريان ڪميشن پنهنجي اختيارن جي دائري ۽ درخواستون ٻڌڻ جوڳيون هجڻ بابت فيصلو ڪري، اليڪشن ڪميشن ڏيڍ سال کانپوءِ نااهلي درخواستن تي ٻڌڻي نٿي ڪري سگهي. پنجاب ميمبر الطاف قريشي جو چوڻ هو ته هروڀرو ڪيس کي ٽنگڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، اڄ ڏينهن تائين فيصل واوڊا جواب به جمع ناهي ڪرايو. بلوچستان ميمبر چيو ته لڳي ٿو ته فيصل واوڊا ڪميشن کي ڪجهه سمجهي ئي نٿو. پنجاب ميمبر الطاف قريشي چيو ته قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي ته ٻڌڻي جو اختيار ناهي؟ بهتر ٿيندو ته پنهنجو ۽ اسان جو وقت ضايع نه ڪريو، صاف صاف ٻڌايو ته فيصل ڇو ناهي آيو؟ ڇا هو قانون کان مٿانهون آهي؟ جنهن پارليامينٽ جو هو ميمبر آهي ڇا کيس ان جي بالادستي جو احترام ناهي؟ وڪيل چيو ته فيصل واوڊا ڪراچي ۾ آهي، سندس امڙ بيمار آهي جنهنڪري هو ناهي آيو. پنجاب ميمبر چيو ته جتي ايترا ڪوڙ ڳالهايا اتي هڪ ٻيو به ڪوڙ هڻو ها ته جهاز جي ٽڪيٽ نه ملي، فيصل جنهن پارليامينٽ جو ميمبر آهي ان کي عزت ڏئي. اليڪشن ڪميشن طلب ڪرڻ واري حڪم کي چئلينج ڪرڻ واري فيصل واوڊا جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته نااهلي ڪيس ٻڌڻ جوڳو نه هجڻ واري اپيل به رد ڪئي. فيصل واوڊا 50 هزار ڏنڊ ڪميشن کي جمع ڪرائي ڇڏيو، جيڪو اليڪشن ڪميشن سوئيٽ هوم ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ڪي پي ڪي ميمبر ارشاد قيصر چيو ته اليڪشن ٽربيونل ڪراچي ٻٽي شهريت وارو معاملو لاڳاپيل فورم تي اٿارڻ جو چيو آهي، اليڪشن ڪميشن ئي لاڳاپيل فورم آهي جيڪو ڪيس ٻڌي سگهي ٿو. فيصل واوڊا خلاف درخواستگذار جي وڪيل چيو ته فيصل واوڊا چاهي ٿو ته سينيٽر بڻجي وڃي ته جيئن ڪيس ختم ٿي سگهي. فيصل واوڊا پيش نه ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن کان معافي وٺي ڇڏي، جڏهن ته ڪميشن فيصل واوڊا کي 10 مارچ تي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
