253

هاڻي ڪتي جي ڏاڙهڻ وارو واقعو جتي پيش ايندو، اتان جي ايم پي اي کي معطل ڪنداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر چيو آهي ته جيڪڏهن هاڻي ڪنهن به علائقي ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ وارو واقعو پيش آيو ته ان تڪ جي ايم پي اي جو عهدو معطل ڪيو ويندو ۽ معطل ڪيل ايم پي اي سينيٽ چونڊن ۾ به ووٽ ڪاسٽ ڪري نه سگهندو. سنڌ ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جي ڏاڙهڻ واري معاملي جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته ڪتن جي چڪڻ سان ايم پي ايز جو واسطو نه آهي، جنهن تي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ چيو ته اسان کي خبر آهي، هي آفيسر ايندڙ فنڊن مان ڪنهن کي ڪميشن ڏيندا آهن. عدالت رمارڪس ڏنا ته اسان جو منهن نه کوليو وڃي ته بهتر آهي، عوام جو تحفظ ڪرڻ ايم پي ايز جو فرض آهي، جنهن به ايم پي اي جي تڪ ۾ واقعو پيش ايندو اهو سينيٽ جي چونڊن ۾ ووٽ به نه ڏئي سگهندو. عدالت چيو ته واقعو پيش اچڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل آفيسرن جون پگهارون بند ڪري انهن کي واڌو ۾ رکيو ويندو. عدالت چيو ته ماڻهن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. ٻڌڻي دوران لاڳاپيل آفيسرن پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن تي عدالت عدم اطمينان ظاهر ڪندي سخت حڪم جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو