شيخوپوره (ويب ڊيسڪ) شيخوپوره ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري رڪشا مٿان ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق شيخوپوره ڀرسان فيصل آباد روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ رڪشا مٿان ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ رڪشا ۾ سوار 3 مسافر فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا. اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
226