272

اليڪشن ڪميشن مخصوص تڪن تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي: ڪنور دلشاد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن مخصوص تڪن تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪنور دلشاد جو وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن پنجاب انتظاميا خلاف ڪيس صدر مملڪت کي اماڻي سگهي ٿي، هي سنجيده معاملو آهي ۽ آر اوز جي رپورٽ تي اليڪشن ڪميشن کي فيصلو ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن آئين تحت پوري تڪ يا ڪجهه اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ جو فيصلو ڪندي، جڏهن ته پوري تڪ بدران مخصوص هنڌن تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو